ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڳائڻي گرو رنڌاوا نئين مشڪل ۾ ڦاسي ويو آهي، سندس فٽنيس جم تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب دهلي جي علائقي پشم وهار ۾ موجود گرو رنڌاوا جي فٽنيس فرنچائز جي جم تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪئي. رپورٽن موجب 10 جون تي نقاب پوش ٻن موٽرسائيڪل سوارن جم ٻاهران پهچي ڪيترائي فائرنگ ڪئي.
واقعي کانپوءِ پوليس فوري طور پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو.
رپورٽن موجب بدنام زمان لارنس بشنوئي گينگ سان لاڳاپيل هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. گينگ سان لاڳاپيل انيل پنڊت نالي شخص دعوا ڪئي ته گرو رنڌاوا کي چتاءُ ڏيڻ لاءِ سندس جم کي نشانو بڻايو ويو، ڇاڪاڻ ته هوسلمان خان سان گهڻي ويجهڙائي اختيار ڪري رهيو آهي.
بيان ۾ وڌيڪ دعوا ڪئي وئي ته جيڪڏهن گرو رنڌاوا سلمان خان سان لاڳاپا برقرار رکيا ته مستقبل ۾ وڌيڪ حملا به ٿي سگهن ٿا.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر پهلوءَ کان جاچ جاري آهي ۽ ذميوار عنصرن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
واضح رهي ته سلمان خان ۽ لارنس بشنوئي گينگ وچ ۾ تڪرار 1998ع جي ڪاري هرڻ جي شڪار واري ڪيس کانپوءِ جاري آهي، جڏهن ته گينگ تي ڪيترن ئي هاءِ پروفائيل ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جا الزام پڻ لڳندا رهيا آهن.