يونائيٽڊ عرب امارات دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي، جنهن هارمون ٿراپي جي مزاحمت ڪندڙ بريسٽ ڪينسر جي ڪيسن لاءِ نئين زباني دوا”اڪتيما“ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هي دوا ايڊوانس يا جسم جي ٻين حصن تائين پکڙجي ويل بريسٽ ڪينسر جي هڪ مخصوص قسم جي مريضن لاءِ نئين اميد بڻجي سگهي ٿي، خاص طور تي انهن لاءِ جن جا ٽيومر هارمون ٿراپي جو جواب ڏيڻ بند ڪري چڪا آهن.
رپورٽ موجب، اهڙي جينياتي تبديلي انهن مريضن ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿي جيڪي اڳ ئي اينڊوڪرائن (هارمون) ٿراپي هيٺ هجن. رپورٽ موجب ”اڪتما“ بريسٽ ڪينسر جي سيلز ۾ موجود ايسٽروجن ري سيپٽرز کي بلاڪ ۽ ختم ڪري ڪم ڪندي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ٽيومرن ۾ اهي ري سيپٽرز ٻارڻ جي سوئچ وانگر ڪم ڪندا آهن، جيڪي ڪينسر جي واڌ ۽ ڦهلاءَ کي تيز ڪندا آهن. دوا انهن ري سيپٽرز کي غيرفعال بڻائي ڪينسر جي واڌ لاءِ ضروري سگنلن کي روڪي ٿي، جنهن سان بيماري تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.