بلوچ نياڻين تي تشدد ۽ گرفتارين خلاف ڪنڌڪوٽ ۽ بدين ۾ احتجاج

ڪنڌڪوٽ/ بدين (نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ بلوچ ڪيميونٽي جي شاگردن پاران بلوچستان ۾ بلوچن سان ٿيندڙ نه انصافين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ناريبازي ڪئي وئي. احتجاج ۾ شريڪ بلوچ اسٽونڊنٽ جي اڳواڻن  سرفراز ڏاهاڻي،مجيب ڏاهاڻي.پيروز ڏاهاڻي.حبيب الله سبزوئي.علي جان سبزوئي ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۾ بلوچن سان ظلم ڪري بلوچن کي جبري گم ڪيو ٿو وڃي، جيڪو ظلم آهي، اسلام آباد ۾ پر امن احتجاج ڪندڙ بلوچ نياڻين تشدد ڪيو ويو، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ بلوچ عورتن تي تشدد، گرفتارين ۽ تذليل خلاف بدين ۾ علي اصغر بلوچ، تنوير ڪاتيار، دلبر حسين بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته رياست کي ماءُ جو درجو حاصل آهي پر افسوس بلوچن جبري گم ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته بلوچستان جي مسئلن لاءِ نڪتل نياڻين ۽ ٻارڙن تي اسلام آباد ۾ تشدد ڪيو ويو، جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي. ھنن چيو ته بلوچ قوم ظلم ۽ استحصال جو شڪار آھي. ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ته بلوچستان جي ماڻھن جي مسئلن کي حل ڪري بلوچ قوم ۾ پيدا ٿيل بي چيني کي ختم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.