لاهور (م ڊ) مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽويٽر تي غريده معافي وٺ ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيو ان جو سبب هڪ وڊيو هئي جيڪا هن وقت به سوشل ميڊيا تي وائرل آهي. وڊيو ۾ غريده فاروق بلوچ مظاهرين ۾ شامل ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ سان ڳالهائي ٿي جنهن ۾ غريدا چوي ٿي ته رياست پنهنجون غلطيون ٺيڪ ڪرڻ چاهي ٿي، اوهان سان محبت ۽ ڳالهين ذريعي پر بلوچستان جي حقيقت دهشتگرد تنظيمون آهن، انهن جي مذمت ته واضح لفظن ۾ ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر ماه رنگ چوي ٿي ته منهنجو سوال اهو آهي ته اوهان بلوچستان ۾ ٿيندڙ نسل ڪشي جي مذمت ڪريو ٿيون؟ٻنهي وچ ۾ بحث واري وڊيو کانپوءِ سوشل ميڊيا تي واهپيدار صحافڻ کان معافي جو مطالبو ڪندي نظر آيا.هڪ واهپيدار لکيو ته صحافي ڪنهن کي ڪنهن سان ويڙهائڻ جي نه پر ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر هي ڪهڙي صحافت آهي.