ڪراچي پوليس جا مبينا مقابلا، ٻن زخمين سميت 3 ڦورو گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي مختلف علائقن ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ ٻن زخمي ڦورن سميت 3 ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪراچي  جي بلديا ٽائون رشيد آباد واري علائقي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو زخمي ٿي پيو، زخمي ڦورو جي سڃاڻپ 35 ورهين جي آفاق ولد اشفاق  طور ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کان ڦر ڪيل موبائل فون هڪ پسٽل ۽ چوري جي موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. سهراب ڳوٺ پوليس فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻن ڦورن مان هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ شبير احمد ۽ احمد علي نالن سان ٿي آهي. جوابدارن جي قبضي مان 2 پسٽل، چوري ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.