ڪراچي جي ناردرن باءِ پاس ويجهو حادثو، 2 ڄڻا فوت

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ناردرن باءِ پاس عالمگير قبرستان جي ويجهو روڊ حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوت ٿي ويلن کي ڇيپا  ايمبولنس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ 30 ورهين جي آصف ولد آمين ۽ 28 ورهين جي شايان ولد ملڪ شاھه طور ٿي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع مليو آهي، جاچ ڪيون پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.