ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي بحران جي ذميواري حڪمران جماعتن مٿان لاڳو ٿئي ٿي، جن ملڪي استحڪام، معاشي ترقي ۽ عوام جي بنيادي مسئلن جي کي حل ڪرڻ بدران پنهنجي ذاتي مفادن ۽ آءِ ايم ايف جي ايجنڊي جي تڪميل ڪئي، جنهن جي ڪري اڄ ملڪ مهانگائي، معيشت جي تباهي ۽ دهشتگردي جو شڪار آهي، عوام 08 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ نااهل ۽ ڌارين جي ايجنٽ ٽولي کي مسترد ڪري اهل، مخلص ۽ ديانتدار قيادت کي ڪامياب ڪري ته جيئن ملڪ ترقي ۽ عوامي مسئلا حل ٿي سگهن. بهادر آباد ۾ چونڊن جي سلسلي ۾ ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي محمد حسين محنتي چيو ته مهانگائي کان ويندي بدامني ۽ سيلاب متاثرين جي دادرسي تائين جماعت اسلامي ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ سگهارو آواز بڻجي رهي آهي، عوام پنهنجي ووٽ ذريعي خدمت جو موقعو ڏنو ته سندس ڀرپور خدمت ڪنداسين.