تاج حيدر 8 اعليٰ پوليس اهلڪارن جي بدلين تي چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي ( م  ڊ ) پيپلز پارٽي سينٽرل اليڪشن مانيٽرنگ سيل جي انچارج سينيٽر تاج حيدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ تاج حيدر چيو ته  سنڌ حڪومت پاران 20 ڊسمبر تي 8 اعليٰ پوليس اهلڪارن جون بدليون ڪيون وين آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهي بدليون اليڪشن ايڪٽ 2017 تحت غير قانوني آهن. پوليس جي مداخلت سان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش جي ڪري بدليون ڪيون ويون آهن. تاج حيدر خط ۾ اهو به چيو ته رٽائرڊ ڊي جي ايف آءِ اي اثر رسوخ ذريعي نيون غير قانوني بدليون ڪرائي رهيو آهي.

برطانيا ڪير ٿيندو آهي جيڪو فلسطينين جي قسمت جو فيصلو ڪري: حماس ترجمان

غزا ( م ڊ ) حماس جي ترجمان خالد قدومي چيو آهي ته برطانيا ڪير ٿيندو آهي جيڪو فلسطينين جي قسمت جو فيصلو ڪري؟ فلسطين جي عوام کي سندن حق ڏنا وڃن. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي حماس ترجمان چيو ته ٻه رياستي حل جو مقصد اسرائيل کي تسليم ڪرڻ آهي، 7 آڪٽوبر کان وٺي 20 هزار فلسطينين پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي چڪا آهن، اسرائيل به ٻه رياستي حل قبول نه ٿو ڪري، اسرائيل فلسطين تي ڪو به حق ناهي. حماس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان ٻه رياستي حل کي رد ڪريون ٿا.

اسرائيل کي رضا موسوي جي قتل جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي: پاسداران انقلاب

تهران ( م ڊ ) ايراني پاسداران انقلاب گارڊز چيو آهي ته اسرائيل کي رضا موسوي جي قتل جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.ميڊيا رپورٽن موجب دمشق ۾ اسرائيلي حملي ۾ هڪ ايراني ڪمانڊر مارجي ويو.  ميڊيا رپورٽن مطابق ايراني انقلابي گارڊ ڪور اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل سينيئر ايراني ڪمانڊر جي موت جي قيمت ادا ڪندو. ايراني پاسداران انقلاب جو اهو به چوڻ آهي ته رضا موسوي شام ۾ مزاحمتي يونٽ جو انچارج هو.

سنڌ جي گورنر جي قائد اعظم جي مزار تي حاضري، ڀيٽا پيش

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري، صدر مملکت ڊاڪٽر عارف علوي، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان گڏ باباءِ قوم جي مزار تي حاضري ڀري. قائد اعظم محمد علي جناح جي  پيدائش تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، گورنر سنڌ مزار تي فاتح خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي جڏهن ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران صوبائي ڪابينا جا ميمبر پڻ موجود هئا

ن ليگ جو ڪنهن به چونڊ اتحاد ناهي: نهال هاشمي

ڪراچي ( م ڊ )  پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نهال هاشمي چيو آهي ته چونڊن ۾ اسان جو ڪنهن سان به اتحاد ناهي. ڪراچي  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نهال هاشمي چيو ته چونڊ اتحاد انهن کي گهرجي جيڪي ڪمزور آهن، اسان جو ڪنهن سان به اتحاد ناهي. هن وڌيڪ چيو ته هو نواز شريف جو شڪر گذار آهي ته هن محدود وسيلن جي باوجود سنڌ تي وڏو احسان ڪيو آهي.

پنجاب ۾ ڪوهيڙو، مسافرن جي حفاظت لاءِ موٽر ويز بند

لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو پکڙجي ويو، نظر گهٽ هجڻ سبب مختلف هنڌن تان موٽر ويز کي بند ڪيو ويو آهي. موٽر وي پوليس ترجمان موجب سخت ڪوهيڙي سبب لاهور سيالڪوٽ موٽر وي کي سمبڙيال کان، موٽر وي ايم 2 ٺوڪر نياز بيگ کان ڪوٽ سرور تائين ۽ ملتان موٽر وي کي لاهور کان بند ڪيو ويو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪوهيڙي دوران موٽر ويز کي مسافرن جي حفاظت لاءِ بند ڪيو ويندو آهي، روڊ استعمال ڪندڙ پنهنجي گاڏين تي فوگ لائيٽ جو استعمال ڪن ۽ ايندڙ گاڏين کان مناسب فاصلو رکن.

ميلبورن ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان، سرفراز ڊراپ

لاهور (م ڊ) آسٽريليا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ 12 رڪني قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو، جنهن مان اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي ڊراپ ڪيو ويو آهي. ٽيم مئنيجمينٽ طرفان ميلبورن ٽيسٽ لاءِ اعلانيل 12 رانديگرن ۾ فهيم اشرف به شامل ناهي.وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان کي 12 رانديگرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زخمي خرم شهزاد جي جاءِ تي مير حمزا ۽ فهيم اشرف جي جاءِ تي حسن علي کي شامل ڪيو ويو آهي.ميلبورن ٽيسٽ لاءِ اعلانيل 12 رانديگرن ۾ شان مسعود، امام الحق، عبدالله شفيق، بابر اعظم، سعود شڪيل، محمد رضوان، سلمان علي آغا، شاهين آفريدي، حسن علي، مير حمزا، عامر جمال ۽ ساجد خان شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.