نواب شاهه (ڊر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ وفاق جون 17 وڏيون وزارتون بند ڪري 300 ارب رپيا عوام تي لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. نوابشاهه جي بختاور گرلز ڪيڊٽ ڪاليج جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فرٽيلائيزر، توانائي ۽ ٻين سيڪٽرن کي ڏني ويندڙ 1500 ارب رپين جي سبسڊي مزدورن ۽ هارين کي سڌي ريت ڏينداسين. هن چيو ته اقتدار ۾ اچي هاري، مزدور، نوجوان ڪارڊ ۽ غريبن کي 300 يونٽن تائين مفت بجلي ڏينداسين، سولر ۽ ونڊ پاور منصوبا لڳائي پنهنجي بجلي پاڻ پيدا ڪنداسين، واپڊا ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ضرورت نه پوندي. سندس چوڻ هو ايندڙ حڪومت کي واعدو ڪرڻو پوندو ته 5 سالن اندر پگهارون ٻيڻيون ڪندي، پراڻا سياستدان ملڪ جو ماضي آهن، توهان مستقبل آهيو، اسان گڏجي محنت ڪنداسين ۽ ملڪ جي ترقي ۾ حصو وجهنداسين. هوڏانهن پ پ پارليامينٽيرينز جي چيئرمين آصف علي زرداري مشورو ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي محنت ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اڳ ۾ هو محنت جي بنا اچي ويا هئا. نواب شاهه ۾ رٽرننگ آفيس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته پ پ جو مستقبل روشن آهي ۽ اسان حڪومت ٺاهينداسين. هن چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۾ سڀ پارٽيون گڏ هيون پر هاڻ ڌار ٿي ويون آهن. چونڊن بابت سوال تي اڳوڻي صدر چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چئي ڇڏيو آهي ته چونڊون ضرور ٿينديون.