سپريم ڪورٽ کي چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ پهرين ته لاڳاپيل ادارن جا مٿا پاڻ ۾ ٽڪرائڻا پيا.تڏھن عدالتِ عظميٰ جي بي حد اصرار تي اٺين فيبروري جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو،ان باوجود بھ ريڙھ پيڙھ ۽ ھيرا ڦيري جي ڪوشش جاري رھي، جنھن تي معزز عدالت کي هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ کي ڳنڊ ڏئي ڪِلي سان ٻڌڻ لاءِ مداخلت ڪرڻي پئي.
جڏھن ٻي واھ نھ بچي تھ ڇا ڪجي بنهھ نئين نڪور ناتجربيڪار ٻه ڪروڙ پنجٽيھه لک فرسٽ ٽائمر ووٽرز کان ڊنل اسٽيبلشمينٽ اليڪشن ڪرائڻ تي آماده تھ ٿي آھي پر ھن وقت تائين جون سامھون آيل ڪوششون ٻڌائين پيون تھ جھڙوڪ اھي چونڊون منعقد نھ ٿي رھيون آھن پر قوم جي منھن تي ماريون پيون وڃن”اچي “ڪنهن ستم ظريف سوشل ميڊيا تي پوسٽ لڳائي ” چويھھ ڊسمبر نامزدگيءَ جا ڪاغذ ڦرڻ جو آخري ڏينهن آھي“
اسٽيبلشمينٽ جي ذھني ڪيفيت کي پڙھندي چئي سگھجي ٿو تھ اٺ فيبروري تي (خدانخواسته) اليڪشن ٿي تھ ايتري شفاف هوندي جو سڀ ان ۾ پنھنجو منھن ڏسندا رھجي ويندا. اسان کي ۽ توهان کي گذريل چونڊن جي قدر قيمت بھ تڏھن ئي معلوم ٿيندي، جڏھن 8 فيبروري کان پوءِ بھ زنجيرن ۾ ويڙھيل پاليسين جو تسلسل جاري رکڻ ۽ وعدن جي تازي گدري کي ڦوڙڻ جي ڪم جي لاءِ ھڪ ٻي ” نگران حڪومت“ ڪنوار جي سجايل ڪمري ۾ داخل ٿيندي.
شينھن، واڳون، بگھڙ۽ باز تي ٻڌل چار رڪني ڪميٽي جي نگران ۾ ، ٻڪر، طوطا،سانڊا، هرڻ، ڏيڏر، ڦاڙھا، نانگ، ڪانگ، ۽ چيتي تي ٻڌل مخلوط سرڪار جھنگ جو نظام هلائيندي.يعني هڪ ٻي هزميجيسٽيز لائل گورنمينٽ ۽ هز ميجسٽيز لائل اپوزيشن، شڪار اڌواڌ .
نظام جي گرفت ايتري قدر سخت آهي جو اسان جو زوب جو انوارالحق ڪاڪڙ جيڪو اسان صحافين کان هڪ سال اڳ تائين ان ڳالهه تي خفا ٿي ويندو ھو تھ، يار توهان ڪوئيٽا اچو ٿا تھ بنا ملڻ جي ڪئين ٿا ھليا وڃو.
اڄ انھيءَ جي صوبي جا ڪجھه مھمان ھن جي سرڪاري گھر کان رڳو ٻھ ڪلوميٽر پري پيا آھن.پر ڪاڪڙ صاحب شايد انھن سان ڪڏھن نظر ملائي گلھ نھ ڪري سگھندو تھ توھان منھنجي صوبي مان آيا آھيو.منھنجا ماڻھو آھيو.ھن موسم ۾ ھتي ڇو پيا آھيو.ھيترو وڏو وزير اعظم هائوس ۽ اتي جا سڀ سنگاريل سنواريل آتش دان حاضر آھن. هلي ڪري آرام ڪريو، ڀلي ڌرڻو ڏيو پر ٻڌايو تھ مان توھان جي ڪھڙي خدمت ڪريان.
ڪاڪڙ صاحب جو مطالعو خاصو وسيع آھي ۽ منطق جو سوئيٽر اڻڻ جي لاءِ به هميشه سٺي ڪوالٽي جو اُن استعمال ڪري ٿو ۽ ان ڪري اھو گمان به ممڪن ناهي ته هن بلوچي جي اھا چوڻي ٻڌي ئي نھ ھجي ته ”هڪ پيالي پاڻيءَ جي قيمت سئو ورھين جي وفاداري آھي“ جيڪو ماڻھو گھر آئي مھمان کي ھڪ وٽو پاڻي به نه ڏياري سگھي.ان جي بي وسي جو عالم الله الله.
سوري سوري… شايدمان ڪجهه غلط چئي ويس. اسلام آباد انهن مھمانن کي ھڪ وٽو پاڻي نه موڪليو بلڪھ ٿڌي پاڻيءَ سان ڀريل پورو ٽينڪر ھاري وڏو آڌر ڀاءَ ڪيو .جيئن سڀاڻي ڪو طعنو نھ ڏئي سگھي تھ گهر آيل مھمان کان پاڻي جو بھ نھ پڇيو ويو.
ڪجهه حاسدن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهي مھمان ڪي ھٿياربند بلوچ سرمچار يا طالبان ھجن ھا ۽ هٿيارن ڦٽا ڪرڻ تي آماده ھجن ھا تھ پوءِ 2014 ڌرڻي جي طرز تي پارليامينٽ جي جھنگلن ( گرلز) تي پنھنجا ڪپڙا سڪائي رھيا ھجن ھا ۽ وزير اعظم هائوس جي گيٽ ٽپڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھجن ھا ۽ مسلسل الٽيميٽم ڏئي رھيا ھجن ھا ۽ ڪجھھ نظر نھ ايندڙ پاڇا انھن جي اڳيان پويان متحريڪ ھجن ھا تھ شايد وزيراعظم انھن جو ذاتي طور تي آڌرڀاءَ ڪري ھا.
پر وفاق مان آخري اميد رکندڙ هي مسلسل بي چين ،ٻار ۽پوڙھا هڪ ڏينهن جڏهن سموري حجت کان پوءِ خالي هٿين گهرن موٽندا ، تھ ٿي سگهي ٿو ڪو دشمن اھڙين حرڪتن تي ڀڙڪائن جي ڪوشش ڪري.
کبھی لوٹ آئیں تو پوچھنا نہیں، دیکھنا انھیں غور سے
جنہیں راستے میں خبر ہوئی کہ یہ راستہ کوئی اور ہے
(سلیم کوثر)
۽ جن کي 8 فيبروري کانپوءِ بلوچستان ۾ به حڪمراني جي اداڪاري ڪرڻي آھي انھن جو ڇا ٿيو ؟ ڪو وفاق پرست بلاول يا مريم جيڪي ڪوئيٽا وڃي بلوچ ٻارن ۽ ٻارڙين جي مٿي تي هٿ رکي ۽ ڳراٽڙي پائي فوٽو سيشن ڪن ٿا.اڃان تائين اسلام آباد پريس ڪلب طرف ناھن ڀٽڪيا.
منافقت ۽ دنيا جي ڏيکاءَ ۾به ايتري قدر احتياط پسندي؟ امڪاني خيرات ڦرجي وڃڻ جو ايترو خوف ؟ استغفرالله..
برہنہ ہیں سرِ بازار تو کیا
بھلا اندھوں سے پردہ کیوں کریں ہم
چبا لیں کیوں نہ خود ہی اپنا ڈھانچہ
تمہیں راتب مہیا کیوں کریں ہم ( جون ایلیا )