ماهرنگ بلوچ هن وقت جيڪو مسنگ پرسنس لاءِ اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪري بلوچن جي تاريخي ڪيس کي اجاگر ڪيو آھي ان هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آھي ساڳئي وقت سالن کان هتي قومن سان جيڪو حشر ڪيو ويو آھي ۽ ھن وقت به ٿي رهيو آھي ان جي حقيقت کولي ڇڏي آھي پاڪستان جي حقيقي جمهوري تنقيد ان ۾ موجود قومون ۽ انهن ڏانهن سندن رويي مان پرکي سگهجي ٿو.
اسلام آباد ۾ جنهن ريت عورتن بزرگن معصوم ٻارن کي گهليو ويو آھي ان رياست جي مهذب پڻي قانون پسندي جمهوري حقن بابت رياستي اصليت کي کولي عيان ڪري ڇڏيو آھي صحافي حامد مير بلوچ عورتن سان گڏ اچي بيهي رهيو ۽ ھن وائيس آف آمريڪا کي جيڪو تاريخي انٽرويو ڏنو تت اهو هو ته رياست هاڻ بلوچن سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ چاهي ٿي هي بنگال مان ڪجهه ناهن سکيا هي انهي بربريت تي قائم آھن هن چيو ته بلوچ عورتن سان جيڪي ڪجهه ڪيو ويو اهو بلوچن ۾ پاڪستان جي رياست خلاف نفرت ۾ شديد واڌارو ڪندو
هن خطي تي به ان جا گهرا اثر پوڻا آھن ڇو ته بلوچستان هن وقت پنهنجي جاگرافي ۽ قدرتي وسيلن جي ڪري مالامال آھي عالمي پسمنظر ۾ سندس اهميت وڌي چڪي آھي انڪري بلوچن جو ڪيس هاڻ عالمي سطح تي اجاگر ٿي رهيو آھي تازو اسلام آباد واقعي جي ڪري سموري دنيا ۾ ملڪ جي خواري ڪرائي وئي آھي
اسان جيڪي سنڌ ۾ رهون ٿا اهي به هن سموري معاملي کان لا تعلق نٿا رهي سگهون ڇو ته اهو سڀ ڪجهه اسان جي ڀر ۾ ٿي رهيو آھي جيڪي ماڻھو هتي بلوچستان جي انهي سموري جدوجهد کان لاتعلق يا ڪن لاٽار ڪري رهيا آھن اهي غلط ڪري رهيا آھن ڇو ته بلوچستان هن وقت قومن جي حقن جي حوالي سان هن سموري خطي ۾ ڪافي اڳتي نڪري چڪو آھي هتي حڪمران قومن کي ڪي وري آئيني گارنٽيون ڏين ٿا نئون سماجي معاهدو ڪن ٿا يا بلوچن کي ماري ڪٽي ڌار ٿا ڪن يا اتي ڪي انٽرنيشل قوتون ٿيون اچي ويهن اهو به ڪجهه سالن ۾ طئي ٿيڻو آھي هتي جي غير جمهوري قوتن وفاق جمهوريت سميت عام انسانن جي حقن سان حشر ڪري ڇڏيو آھي هاڻ ھتي جمهوري عوامي جدوجهد ڪرڻ واريون قوتون مايوس ٿي چڪيون آھن اها مايوسي هن وقت بلوچ عورتن سان روا رکيل رويي مان وري وڌيڪ گهري ٿي آھي هاڻ لڳي ٿو ته گهڻو ڪجهه تبديل ٿيڻ وارو آھي جيڪو هن خطي جي سموري صورتحال کي حيرتناڪ طريقي سان تبديل ڪري ڇڏيندو
ماهرنگ بلوچ جي جدوجهد کي سلام آھي جو هيڏي ساري تشدد ۽ بربريت کان پوءِ به هو وري احتجاج تي اسلام آباد پريس ڪلب اڳيان ويهي رهي آھي, اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي حراست ۾ ورتل سمورن بلوچ عورتن ۽ ٻارن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق جمعي ڏينھن بلوچ مظاهرين جي گرفتارين ۽ احتجاج جي حق ڏيڻ کان روڪڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
درخواست جي ٻڌڻيءَ دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس (آءِ جي) کي گرفتار ٿيلن بابت لکت ۾ آگاھ ڪرڻ جو به حڪم ڏيندي چيو ته احتجاج ڪندڙ اسلام آباد ۾ جتي به چاھين پرامن احتجاج ڪري سگهن ٿا، انھن کي اھو حق حاصل آھي. عدالت جي طلب ڪرڻ تي آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ خميس جي رات پيش آيل واقعن بابت عدالت ۾ بيان ڏنو.
جسٽس عامر فاروق چيو ته صبح جو خبر پئي ته ڪجهھ عورتن کي زبردستي واپس بلوچستان موڪليو پيو وڃي، جنهن تي آءِ جي اسلام آباد چيو ته جيڪي ماڻهو واپس وڃڻ چاهين پيا انهن لاءِ بس جو بندوبست ڪيو ويو ھئو.آءِ جي موجب عورتون آءِ – ٽين ۾ موجود آهن، جنهن تي چيف جسٽس پڇا ڪئي ته اهي آءِ ٽين ۾ ڇو آهن؟ هو جتي وڃڻ چاهين ٿيون وڃي سگهن ٿيون ڇاڪاڻ جو پرامن احتجاج ڪرڻ انهن جو حق آهي.ياد رهي ته بلوچ يڪجھتي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ گذريل ٻن ڏينهن کان اسلام آباد ۾ موجود آهن، ۽ اسلام آباد پوليس عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي مظاهرين کي حراست ۾ ورتو ھئو.پوليس ڪيترن ئي عورتن کي زبردستي بس ۾ ويھاري واپس بلوچستان موڪلڻ جي ڪوشش به ڪئي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز ۾ ڪيتريون ئي عورتون ويمن پوليس اسٽيشن ۾ موجود نظر اچي رھيون آهن ۽ جمعي تي ٻڌڻي دوران اهو معاملو پڻ بحث هيٺ آيو.ٻڌڻيءَ دوران عدالتي ڪمري ۾ موجود صحافي حامد مير عدالت کي ٻڌايو ته گذريل رات عورتن کي زبردستي گاڏين ۾ ويهاريو پئي ويوجڏھن ته آءِ جي عدالت ۾ چئي رهيو آهي ته کين پنهنجي مرضيءَ سان وڃڻ جي اجازت ھئي.
آءِ جي اسلام آباد عدالت کي ٻڌايو ته گذريل شام 52 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته گڏيل طور 216 ماڻهو حراست ۾ آهن. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته لکت ۾ ٻڌايو ته ڪهڙين عورتن کي گرفتار ڪيو ويو، ويمن پوليس اسٽيشن ۾ ڪيتريون عورتون هيون ۽ حراست ۾ ورتل ڪيترن کي آزاد ڪيو ويو آهي.صحافي حامد مير چيو ته ڪالهھ عدالت کي ٻڌايو ويو ته سموريون عورتون آزاد ڪيون ويون، جڏهن ته ٽن وفاقي وزيرن پريس ڪانفرنس دوران اهو ئي چيو ته سموريون عورتون آزاد ڪيون ويون هيون پرمون کي خبر پئي ته ڪنهن به عورت کي آزاد نه ڪيو ويوھئو. مان جڏهن ويمن پوليس اسٽيشن تي پهتس ته اتي ڇوڪرين کي ڌڪا ڏيندي ۽ گھلي آندو پئي ويو.
ٻڌڻي دوران هيومن رائيٽس ڪميشن جي ھڪ عھديدار اسد بٽ چيو ته اسان جي ڇوڪرين کي رڍن ۽ ٻڪرين وانگر بسن ۾ وڌو پئي ويو. جيڪو سلوڪ اسان جي ٻچن ۽ نياڻين سان ٻن راتين کان ڪيوپئي ويو اھڙو ڪڏھن به ناھي ٿيو. چيف جسٽس چيو ته ڪو عام ماڻهو جيڪڏهن زيادتي به ڪري ٿو ته سرڪاري آفيس هولڊرن کي صبر۽ تحمل سان ڪم وٺڻو پوندو آهي پر هو ائين نه پيا ڪن.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.بلوچن جو ڪيس هر گذرندي وقت وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آھي اسين هن خطي ۾ رهندڙ قومون انهي کان لاتعلق نٿا رهي سگهون