قائد اعظم واري پاڪستان جي عوام کي حقيقي آزادي گھرجي

قاضي اعجاز

قائد اعظم محمد علي جناح رحھ جي ورسي جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان سموري ملڪ اندر ملھايو ويو، گذريل ڏينھن تي اسان برصغير جي آزادي واري انقلابي تحريڪ ۾ سرگرم رھندڙ باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح رحھ سميت سمورين شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪندي ملڪ اندر ٿيندڙ رياستي ڏاڍاين وارن سببن جو غور سان جائزو وٺنداسين تھ اھو ڪھڙو سبب آھي جو قائد اعظم محمد علي جناح جھڙي مدبر اڳواڻ جي ويزن کي پُٺي ڏيندي ۽ سازش تحت حڪمرانن ۽ عوام جي وچ ۾ وڇوٽي پيدا ڪئي وئي آھي. جنھن تي رياست جي پاليسي سازن کي بھ سوچڻ گھرجي اھي ڪھڙا سبب آھن جو ملڪ جو عوام حڪمرانن خلاف ھڪ تسلسل تحت ڪيترن ئي ڏھاڪن کان وٺي احتجاج ڪري رھيو آھي، جڏھن تھ ملڪ جي حڪمرانن کي آئين ۽ قانون جي ضرور پاسداري ڪرڻ گھرجي پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ اندر عدليا ۽ ادارن جي سھڪار سان آئين جي خلاف ورزي ڪندي جمھوري حڪومتن تي راتاھا ھڻي آمريت جي راھھ ھموار ڪئي ويندي رھي آھي، جنھن ڪري پنجاب جي مظلوم طبقي سميت سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي عوام سان ٿيندڙ ڏاڍاين کي ھٿي ملندي رھي آھي.

 بلوچستان، سنڌ پاران ھميشھ اھي دانھون، ڪوڪون ڪيون وينديون رھيون آھن تھ سندس وسيلن جي ڦرمار وفاق پاران ڪئي وڃي ٿي ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي ناانصافي لاءِ پڻ سنڌ، بلوچستان جون حڪومتون وفاق آڏو ٻاڏائينديون رھن ٿيون. ان کان سواءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي شڪايت آھي تھ سندن نوجوانن جي جبري گمشدگي ڪئي وڃي ٿي، ان حوالي سان ملڪ جي اعليٰ عدالتن ۾ نھ رڳو ٻڌڻيون ھلندڙ آھن، پر مانوارن جج صاحبن جا ڏنل ريمارڪس پڻ تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آھن، تازو اسلام آباد ۾ بلوچ عورتن جي احتجاج تي اسلام آباد پوليس پاران ڪيل وحشياڻي تشدد جي سموري ملڪ ۾ مذمت ڪئي پئي وڃي. حڪمرانن جي غير محب روين جي ڪري ايڪائي ۾ شامل ٽن ننڍن صوبن جي عوام کي پاران مختلف شڪيلن ۾ ٿيندر غير مناسب رويي، وسيلن جي ڦرمار، ماڻھن جي جبرن گمشدگي سميت کوڙ ساريون شڪايتن بابت پڙاڏو ملڪ جي اعليٰ ايوانن ۾ موجود رھيو آھي. جنھن جو تازو مثال اسلام آباد گادي واري ھنڌ تي بلوچ عورت مظاھرين سان ٿيل رياستي تشدد ملڪ جي  عوام جو ھنيانءُ ڏاري وڌو آھي.

اسان کي پنھنجي جيءَ ۾ جھاتي پائي قومي آجپي واري ڪيل جدوجھد جو ڳوڙھو جائزو وٺڻ گھرجي. اڄ کان تقريبن 75 سال اڳ  برِ صغير جي ماڻھن پاران فرنگين جي سوين سالن واري ظالماڻي طرزِ حاڪميت واري تسلسل جي خاتمي لاءِ بنا ڪنھن مذھبي فرق جي عظيم جدجھد ڪئي، اھڙي انقلاب واري جدوجھد ۾ برصغير جي مشھور آزادي پسند اڳواڻن کي ڦاھي، ڦٽڪن، جيل، ڪاري پاڻي سميت ٻيون غير انساني سزائون ڏنيون ويون. اھڙي وقت عالمي طور تي جڏھن سموري دنيا اندر آجپي جي جدوجھد جي شروعات بھ ٿي چڪي ھئي، ان ڪري فرنگي حڪمران مجبور ٿيندي برصغير مان ھٿ ڪڍڻ لاءِ مذھبي تفريق کي ھٿي وٺرائيندي ٻھ قومي نظريي تحت برِ صغيرکي تقسيم ڪندي ھِتان جي ماڻھن کي نالي ماتر آزادي ڏني وئي. جنھن تحت ھندستان ۾ اڄ ڏينھن تائين 10 سيڪڙو مٿانھون طبقو 90 سيڪڙو ھيٺئين طبقي جي ماڻھن مٿان حڪمراني ڪري رھيو آھي، جڏھن تھ پاڪستان ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي غير تڪراري شخصيت کي پُٺي ۾ خنجر ھڻن لاءِ برصغير ۾ فرنگين خلاف انقلابي جدوجھد ۾ شامل محبِ وطن ماڻھن جي نشاندھي ڪرڻ سميت فرنگي حڪمرانن لاءِ ساٿاري ڪردار ادا ڪندڙن غدارِ وطن ماڻھن کي جاگيرون ۽ خاص لقب ڏنا ويا ۽ انھن ئي خاندانن جي فردن کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرائي قائد اعظم محمد علي جناح جي سٿ ۾ شامل ڪرايو ويو، جن اڳتي ھلي قائد اعظم محمد علي جناح جي وفات بعد اسان جي عظيم ملڪ سان جيڪو حشر ڪيو آھي، اھو نھ رڳو سڀني جي سامھون آھي، پر عام ماڻھو ھڪ وقت جي ماني کائڻ کان بھ لاچار بڻيل آھي.

 جڏھن تھ پاڪستان جي ان وقت جي اسٽبلشمينٽ پاران نڪمو ۽ ھڏ حرام جھڙا طعنيٰ ڏيندي بنگالين مان سازش تحت جان ڇڏائي، اھو بنگلاديش اڄ پاڪستان جي سماجيات، تعليم، صحت، معاشيات ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ترقي ڪري چڪو آھي. ان ڪري ملڪ جي حڪمرانن کي قائد اعظم محمد علي جناح جي ويزن ۽ ملڪ جي آئين تي عمل ڪندي جمھوريت واري تسلسل کي جاري رھڻ  ڏنو وڃي ۽ آمراڻين روايتن کي نھ رڳو ٻنجو ڏيڻ گھرجي پر آمراڻي حڪمراني وارين سازشن جي ساٿارين کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سزا ڏيارڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.