ڪراچي جي صدر موبائل مارڪيٽ ۾ باهه، ڪيترائي دڪان سڙي ويا، ڪروڙن جو نقصان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي صدر موبائل مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ سان ڪيترائي دڪان سڙي ويا ۽ ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي ويو.
سومر ۽ اڱاري جي وچين رات صدر جي علائقي ۾ موبائل مارڪيٽ ۾ باهه لڳي، اختيارين موجب باهه سان 10 دڪان مڪمل طور سڙي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ متاثر ٿيا.
اختيارين ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، 8 فائر ٽينڊر ۽ 2 واٽر بائوزر جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو ويو.
اختيارين موجب باهه سان ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.