سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، زرعي معيشت کي بحرانن مان ڪڍيو وڃي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو جي فرزند ايڊووڪيٽ سرباز اياز پليجو جو حيدرآباد جي قومي تڪ  218 تي نامزدگي فارم بحال ٿي ويو. ٻئي پاسي اياز لطيف پليجو صوبائي تڪ 60 تي اسڪروٽني جي سلسلي ۾ اڄ ريٽرننگ آفيسر وٽ پيش ٿيندو. ھوڏانھن اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ملڪ کي امن، برابري ۽ خودمختيار عوام دوست معاشي پاليسين جي ضرورت آھي. ماضي جي حڪومتن ملڪ جي ترقي بدران پنھنجي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني. اياز لطيف پليجي چيو ته چونڊن ۾ ڪامياب ٿي سنڌ جي ترقي جي نئين تاريخ لکنداسين. ميرٽ اسان جي ترجيح آھي. تعليم کان سواءِ اڳتي نٿا وڌي سگھون. ھارين ۽ پورهيتن جي ترقي ۾ اسان جي ترقي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. زرعي معيشت جي بھتر بنائي بحرانن مان ڪڍيو وڃي. سنڌ جي ھر ضلعي ۾ صنعتي زون قائم ڪري مقامي نوجوانن جي روزگار ڏنو وڃي. عورتن سان غلامن وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي. نياڻين جي تعليم ۽ انھن کي برابري وارا حق ڏيڻ مھذب جي نشاني آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.