پ پ پاران چونڊن ۾ فوج جي موجودگي لازمي قرار

سکر (رپورٽ:آزاد مهر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چونڊن ۾ پاڪ فوج جي  موجودگي کي ضروري قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪ فوج اليڪشن ۾ موجود رهي ته ڌانڌلي ۽ امن امان جا مسئلا پيدا نه ٿيندا، ڇاڪاڻ ته پاڪ فوج ملڪ جو اهم ادارو آهي. سکر ۾ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ جيڪو ماحول آهي اهو سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي. جماعت اسلامي اليڪشن ۾ پنهنجو ووٽ آڻيندي، ڪنهن به پارٽي کي سادي اڪثريت حاصل نه ٿيندي ۽ اتحادين مان حڪومت ٺاهي ويندي ۽ پيپلز پارٽي اڳ ئي چوندي رهي آهي ته اسان کي گڏجي پاڪستان کي بچائڻو آهي، هاڻي اسان لاءِ ڪو مسئلو ناهي، اسان ان ئي ميدان تي کيڏنداسين جيڪو اسان کي مليو آهي، برابري واري راند جو ميدان آھي، جڏهن چونڊون ٿيون ته امن امان سميت ٻيا مسئلا پاڻمرادو حل ٿي ويندا، هن چيو ته پيپلز پارٽي هن وقت ميدان ۾ آهي، مان قمر زمان ڪائره، نديم افضل چن، نذر محمد گوندل ۽ ٻين جي جلسن کي به ڏسي رهيو آهيان. راجا پرويز اشرف ته آهي پر ٻين پارٽين جو ڊرائنگ روم جي سياست هلي رهي آهي، جيڪڏهن هو بائيڪاٽ ڪن ته سندن ڊرائنگ روم جي سياست نظر نه ايندي، هن چيو ته اميد آهي ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.