حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ جي ترقي پسند اڳواڻن، دانشورن ۽ ليکڪن جي ويھڪ ۾ چيو ويو آھي تھ پاڪستان اندر چونڊ عمل ۾ ترقي پسندن، حقيقي جمھوريت پسندن ۽ قوم پرستن جي رستا روڪ ڪري اسيمبلين اندر جاگيردارن ۽ ان جي اتحادين کي پھچايو ويندو آھي جيڪي سدائين ھيٺئين طبقي ۽ سنڌ جي قومي وجود جا انڪاري رھيا آھن پنڌ اڻھانگو ضرور آھي پر قومي وجود جي بقا ۽ پورھيت عوام جي حقن لاءِ چونڊ عمل سميت ھر فورم تي سنڌ اول ۽ آخر آھي جو نعرو ھڻي ميدان تي مقابلو ڪندا سين. ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي باني اڳواڻ منور ھاليپوٽي جي مان ۾ نامياري صحافي خالد کوکر حيدرآباد ۾ آجياڻو ڏنو، آجياڻي ۾ ڳالھائيندي منور ھاليپوٽي چيو ته سنڌ جي ڏاھن جي صلاح سان جوڙيل قومي ڪيس سنڌ چارٽر جي شڪل ۾ دنيا جي مخلتف ملڪن جي حڪومتن، گڏيل قومن ۽ اسڪالرن سامھون رکيو آھي، سفارتي محاذ تي سنڌ چارٽر کي مانائتي موٽ ملي آھي ۽ اسان پنھنجو ڪيس دنيا آڏو رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا آھيون. ھن چيو ته انڊيا جي وزيراعظم نريندر مودي آمريڪا جو دورو ڪيو، ھندستاني حڪومت اکنڊ ڀارت واري مھم ھلائي سنڌ جي ھندستان جي حصي واري ڳالهھ ڪري ھندستان سان ان جي ٻيھر الحاق واري دعويٰ ڪري رھي آھي، اھا ڳالهھ تاريخي طور تي صحيح ناھي، ڇو ته سنڌ پنھنجي 10 ھزار سالن جي تاريخ ۾ گھڻي حد تائين آزاد ملڪ رھي آھي، سنڌ اسان جو مادر وطن آھي اسين ھر محاذ تي ان جو دفاع ڪنداسين ۽ پنھنجو قومي وجود ميسارجڻ نه ڏينداسين. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي قومي وجود کي ميسارڻ لاءِ سياست ۾ جاگيردارن ۽ ھٿ ٺوڪين جمھوريت پسندن کي مضبوط ڪري قومپرستن ۽ ھيٺئين طبقي لاءِ پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ جا در بند ڪيا ويا آھن، اسان جو مقصد سنڌ جو قومي وجود بچائڻ ۽ ھيٺئين طبقي کي مک سياسي ڌارا ۾ اچي بيھارڻ آھي. ھن چيو ته مان ٽنڊي محمد خان جي شاھه ڪريم بلڙي واري تڪ تان چونڊ وڙھي رھيو آھيان، قاسم آباد ۾ اسين قومي عوامي تحريڪ جي اميدوار اياز لطيف پليجو ۽ سڪرنڊ ۾ زين شاھ جي ڀرپور مدد ڪنداسين. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي جي لاءِ ميدان صاف ڪري اسيمبلين ۾ آڻي حڪومتون ڏنيون وڃن ٿيون، پارليامينٽ ۾ سنڌ جي نمائندگي ناھي، پ پ اقتدار ۾ اچي وسيلن کي وڪڻي اربين رپين جي ڪرپشن ڪري ٿي پر اسين نئين تاريخ اڏيندڙ آھيون، ھر محاذ تي پيپلز پارٽي ۽ سنڌ مخالفن جو مقابلو ڪنداسين. ھن چيو ته عام چونڊن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ اسان ھڪٻئي جي مدد ڪنداسين. نامياري قانوندان ۽ 4 مارچ جي ھيري يوسف لغاري چيو ته سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند ڌرين کي ھڪ ڌارا ۾ بيھڻ گھرجي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي باني اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته اسان سدائين سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ ويڙھاند ڪئي آھي، ھن اکنڊ ڀارت واري تصور کي رد ڪندي چيو ته اسين ھڪ کوھه مان نڪري ٻئي کوھه ۾ ڪرڻ نٿا چاھيون. نامياري صحافي خالد کوکر چيو ته جڏھن اسين لنڊن ويندا آھيون ته ڊاڪٽر منور هاليپوٽو سنڌ دوستن کي گڏ ڪري قومي ڪچھري جو بندوبست ڪندو آھي، ھن سنڌ لاءِ سدائين سوچيو ۽ لوچيو آھي. ھن فڪري ويھڪ ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جو صدر اقبال، جنرل سيڪريٽري جئي پرڪاش، ايس ٽي پي اڳواڻ ھوت خان گاڏھي، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، ڊاڪٽر احمد خان نوناري، ناميارا سماج سڌارڪ ڊاڪٽر بدر چنا، موندر خان ڏاھري، آفتاب کوکر، آغا تاج، احمد کوکر، ڊاڪٽر بيکا رام، قادر سرڪي، ڄام فريد لاکو، ساجد کوکر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.