لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام سنڌ جو سيڪريٽري جنرل مولانا راشد خالد محمود سومرو قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 تي پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ بعد ڪاغذن جي جاچ پڙتال لاءِ قافلي جي صورت ۾ جامعه اسلاميه کان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر رٽرننگ آفيسر آصف رضا چانڊيو جي آفيس پهتو، جتي رٽرننگ آفيسر جي غيرموجودگيءَ ۾ راشد محمود سومرو پنهنجي ڀاءُ مولانا ناصر خالد محمود سومرو، جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي عباسي ۽ ٻيان اڳواڻن سان گڏجي انتظار ڪندو رهيو بعد ۾ رٽرننگ آفيسر پهچي اين اي 194 لاءِ مولانا راشد خالد محمود سومرو جي ڪاغذن جو جائزو ورتو ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪاغذن جي مڪمل ڇنڊڇاڻ نه ٿيڻ تي کيس ٻيهر طلب ڪيو آهي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد خالد محمود سومرو چيو ته اڄ مون کي ڪاغذن جي جاچ پڙتال جي تاريخ ڏني وئي جنهن تي مان آر او وٽ پيش ٿي پنهنجا سڀ ڪاغذ جمع ڪرايا پر آر او ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جي قاعدن موجب نيب، ايف آءِ اي، مختلف عدالتن ۽ کاتن کان اهي ڪاغذ نه پهتا آهن تنهن ڪري آر او اسان جي ڪاغذن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ڊپارٽمينٽل طور ڪجهه شيون نه پهچي سگهيون هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ڪري سنڌ جي ترقي، عوام، غربت جي ڳالهه ڪئي پر اهي غريب هئا جيڪي ڪالهه بلاول جي گاڏي پويان نعرا هڻي رهيا هئا ۽ سيڪيورٽي آفيسرن جا ڌڪا کائي رهيا هئا. 75 سالن کان ڀٽو جو روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي سهاري نسلن کان وٺي عوام اوهان مٿان اعتماد ڪيو پر عوام اڄ به روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان لاءِ ترسن پيا. هن چيو ته هن چيو ته معظم علي عباسي جا 5 هزار ووٽ سندس گهر شيخ زيد شهر مان کڻي ڪري ٻهراڙي ۾ منتقل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ مان ايم ڪيو ايم، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس، پاڪستان مسلم ليگ ن، جميعت علماءِ اسلام ۽ آزاد اميدوارن تڪن تي اعتراض ڪيا ۽ اليڪشن ڪميشن پوري سنڌ ۾ سمورن جماعتن جي اعتراض وارن درخواست کي نه ٻڌو.