سنڌ کي لٽيندڙن مان عوام تنگ ٿي چڪو آهي : بشير ميمڻ

هالا ( رپورٽ : عادل ابڙو)  هالا ۾ نواز ليگ جي سربراهه نواز شريف جي سالگرهه جي موقعي تي تقريب منعقد ڪئي وئي، سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ خوشي ۾ آتشبازي ڪئي وئي، نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندو، هن چيو ته سنڌ جو عوام سنڌ ڌرتي ماءُ کي لٽيندڙن کان تنگ اچي چڪو آهي،8 فيبروري تي عوام کي ڪوڙا خواب ڏيکاريندڙن جو عوام پاڻ احتساب ڪندو، هن چيو ته نواز ليگ حڪومت اچڻ کانپوءِ مٽياري ضلعي ۾ انڊسٽريل زون، صوفي يونيورسٽي ۽ پبلڪ اسڪول توڙي ميڊيڪل ڪاليج جو قيام ڪري شهباز اسپيڊ تي تعميراتي ڪم ڪرائينداسين. ان موقعي تي پي ايس 56  اميدوار نصير ميمڻ، نواز ليگ اڳواڻ سيد شاهه زمان شاهه، منصور نواز ڀيون، گل حسن راجپوت، رانا عبداستار راجپوت ۽  ٻين خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.