اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آڊيو ليڪس جي معاملي تي بچاءَ واري وزارت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.
پنهنجي جواب ۾ بچاءَ واري وزارت چيو آهي ته آڊيو رڪارڊنگ جا ڪيترائي ٽولز دستياب آهن، جن کي ڪير به خريد ڪري سگهي ٿو، ڪجهه پليٽ فارم به معاوضي بدلي اهي خدمتون ڏيندا آهن.
جواب ۾ چيو ويو ته اي آءِ سان آواز جي ڪنٽينٽ کي تبديل ڪري سگهجي ٿو، رڪارڊنگ سروس جي ڄاڻ رڳو سوشل ميڊيا ئي ڏئي سگهي ٿي، ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ مجاز اٿارٽي آهي.
بچاءَ واري وزارت پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته ڪالز ڪندڙ پاڻ ۾ رڪارڊ ڪري پوءِ ليڪ ڪري سگهن ٿا ۽ انهن جي فون به هيڪ ٿي سگهي ٿي.
بچاءَ واري وزارت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان رڪارڊنگ سورس جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ کي هدايت جاري ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.
آڊيو ليڪس، ڪو به سستا رڪارڊنگ ٽولز خريد ڪري سگهي ٿو: بچاءَ واري وزارت جو جواب
You might also like