ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سڀاڻي صوبي ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جي ترجمان موجب جسٽس (ر) مقبول باقر سڀاڻي اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ عام موڪل جي منظوري ڏني آهي.
ترجمان ٻڌايو ته 27 ڊسمبر تي سمورا سرڪاري ۽ نجي ادارا، لوڪل ڪائونسلز ۽ صوبائي حڪومت جون انتظامي آفيسون بند رهنديون.
You might also like