ووٽ جي اهميت کي سمجهڻ جي ضرورت

گل سيوھاڻي

جنھن ديس ۾ چور چوڪيدار ھجي ان ديس جو ڪجھه به ناھي ٿيڻون…!!! ان جا ھونئن ته کوڙ سارا سبب آھن پر  انھن ۾ جيڪو سڀ کان وڏو سبب آھي اھو آھي قانون ۽ انصاف جو ٻٽو معيار،جنھن ديس ۾ چور کي چوڪيدار رکيو وڃي ان ديس جي ملڪيتن جو الله ھي واهي ھوندو آھي،اوھان ديس جي 76 سالن جو جائزو وٺو اوھان کي خبر پئجي ويندي ته اوھان ۽ اسان جو ڪھڙو دشمن آھي،جيڪڏھن اسان پنھنجي دشمن جي نشاندھي ڪئي ته پوءِ  ڀلي اسان ان سان مقابلو ڪري نه به سگھون صرف اسان ان دشمن سان پنھنجا سماجي تعلقات ختم ڪري ڇڏيا تڏهن اسان دشمن ڄڻ ورتو ڇو ته سماجي بائيڪاٽ موت کان وڏي سزا آھي،جڏھن اسان جي ديس جو جنم ٿيو ھيو ته اسان آزادي ءَ  جا شادمانا وڄائي جھمريون ھڻي جيڪا خوشي ڪئي ھئي ان جي انتھا ڪان ھئي، ان آزادي ءَ  ۾ جيڪا ٻنھي ملڪن جي قومن جي مٽا سٽا ٿي ھئي پرڏيھي طاقتن جي ھٿن ۾ کيڏندڙ ملڪ جي سياسي قيادت کان غلاميءَ  وارو ڪم وٺندي پرڏيھي غلاميءَ  تحت جيڪا کائو ۽ کارايو واري پاليسي متعارف ڪرائي ھئي اھا اڄ تائين جاري آھي.  فيلڊ مارشل ايوب خان جي اھا پھرين مارشل لا ھئي. جنھن جھموريت جو خاتمون آندو،جنھن کان پوءِ  جھموري حڪومتون قائم ٿينديون رھيون ۽ اھو سلسلو سال 2002 تائين جاري رھيو .

اڄ جيڪا نگران حڪومت جي صورتحال آھي يا ائين کڻي چئجي ته ملڪ اندر جيڪا آئيني قانوني بحران واري ڪيفيت آھي ان کي ڏسندي چئي سگھجي ٿو ته ھن وقت اڻ سڌي طرح ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو آھي،جنھن جا کوڙ سارا مثال اسان جي سامھون آھن اسان 14 آگسٽ 1947ع ۾ تي نالي ماتر آزادي  ماڻي ھئي جنھن ۾ نه آئين ھو نه قانون ھو نه قانون جي ڪا حڪمراني ھئي جيڪو ڏاڍو سو گابو ھيو اڄ 76 سالن کانپوءِ  وري ھڪ ڀيرو ٻيھر ساڳي صورتحال آھي.

اسان پنھنجا قومي اثاثا قدرتي معدنيات به پرڏيھي طاقتن جي حوالي ڪري ڇڏي آھي جنھن ۾ سڀ کان وڏو ظلم اسان پنھنجي رياست اندر سون چاندي ٽامي جون کاڻيون به پرڏيھي طاقتن حوالي ڪري ڇڏيون آھن نتيجي ۾ اسان غير ملڪي ڳرن شرطن تي قرض کڻي رياست جو ڪاروھنوار پيا ھلايون جنھن ۾ به اسان جي آمدني اٺ آنا خرچ سوا روپيو ڪري ملڪ ۽ قوم جي ستاياناس ڪئي وئي آھي ان ساري صورتحال کي ذھن ۾ رکي ڪو مسيحو ڪو ملڪ ۽ قوم دوست ليڊر جڏھن حق سچ جي ڳالھ ٿو ڪري جڏھن ھو ڪاري کي اڇو نٿو چئي ڪاري کي ڪارو ٿو چئي ته ان جي پويان ٿا پئجي وڃن جن ملڪ قوم کي ٻنھي ھٿن سان لٽيو ڦريو آھي ان چوڪيدارن جي اکين جا تارا آھن ڇو ته چور ۽ چوڪيدار ٻئي ھڪڙي سڪي جا ٻه پاسا آھن اھوئي سبب آھي ته ھڪڙو چور جيڪو اربين کربين ڊالرن جي ڪرپشن ڪري پرڏيھه وڃي جائيدادون خريد ڪري ٿو اھو جڏھن قانون جي گرفت ۾ اچي ٿو قانون ان کي اول ته تاحيات نااھل ڪري ٿو ۽ ڪنھن به پبلڪ آفيس کان ان کي ٻاھر رکڻ جو حڪم ڪري ٿو اھو چورن سان ملي ڪري چوٿون ڀيرو اقتدار ۾ اچڻ لاءِ  انھن جو پروٽوڪول استعمال ڪري عوام کي اکين ۾ ڌوڙ پيو وجھي.

ڏسڻو اھو آھي جنهن چونڊ جو اعلان ڪيو ويو آھي جنھن لاءِ  سمورين سياسي جماعتن کي چونڊ فارم جمع ڪرائڻ کان وٺي چونڊ مھم ھلائڻ جي اجازت مليل آھي پر  پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي فارم جمع به نٿا ڪرائڻ ڏنا وڃن نه وري انھن کي چونڊ مھم ھلائڻ جي اجازت پئي ملي خدارا جيڪڏھن اليڪشن صاف شفاف ڪرائڻي آھي ته پوءِ  سمورين سياسي جماعتن جي ليڊرن کي ھڪ جھڙيون رعايتون ڏنيون وڃن ڪنھن به قسم جي ڪنھن کي به روڪ نه ھجڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.