جڏهن کان نواز شريف ۽ نواز ليگ ” ووٽ کي عزت ڏيو“ جي نعري تان هٿ کڻي ويا آهن۔ تڏهن کان هنن اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم ڏانهن ڪات ڪهاڙا سڌا ڪيا آهن۔ ياد رهڻ کپي ته ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ننڍن صوبن جو پراڻو مطالبو هو جيڪو وڏي عرصي کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جرئت مندانه طريقي سان پورو ڪيو آهي-
ارڙهين ترميم 1973ع جي آئين ۾ ڪيل ان واعدي جو پوراءُ آهي جنهن لاءِ ننڍن صوبن کي غير معمولي صبر ۽ وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي هئي۔ نيٺ چاليهن سالن کان پوءِ اهو خواب حقيقت ۾ تبديل ٿيو آهي۔ جيئن ته 1973ع جو آئين به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڏنو هو، پر وقت حالتن ۽ مارشلائن در مارشلائن سبب پاڪستان پيپلز پارٽي کي ان واعدي کي پورو ڪرڻ ۾ چاليهه سال لڳا ۽ 2010ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفاقي حڪومت ۾ ان وقت جي صدر آصف علي زرداري پنهنجي ذاتي ڪوششن ۽ دلچسپي سان ارڙهين ترميم جو تحفو ڏنو.
ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ جيڪي موجوده منظر نامي ۾ هڪ ٻئي جا حامي ۽ حمايتي ٿي بيٺا آهن، ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي جو کين سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي حق حاڪميت ، صوبائي خودمختياري ۽ معاشي پاڻ ڀرائپ سان فطري وير آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻئي جماعتون اقتداري ۽ چونڊ مهم ۾ پنهنجي اصلي چهري سان نکري نروار ٿيون آهن، جنهن لاءِ هو پنهنجا سڀ اصول تياڳڻ لاءِ تيار آهن ، ته جيئن کين اسٽيبلشمينٽ ۽ اقتداري قوتن جو آشيرواد حاصل ٿي سگهي.
سڀني سياسي، باشعور ماڻهن ۽ سياسي قوتن کي خبر آهي ته ارڙهين ترميم جي لاءِ جوڙيل ڪاميٽي ۾ نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم شامل هيون ۽ سندن ووٽ به ترميم جي حق ۾ آيل آهي. الائي ڇو ٻارهن سالن کان پوءِ هو ڪنهن جي اشاري تي پنهنجي ڪيل فيصلي کي پٺي ڏيئي ان ۾ تبديلي جو راڳ ڳائي رهيا آهن.
سموريون سياسي قوتون پوري طرح ڄاڻن ٿيون ته پاڪستان جي چئني صوبن کي اپريل 2010 ۾ جيڪي حق ۽ کاتا پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪوششن سان حاصل ٿيا آهن، اهي صوبائي کاتا ۽ حق برٽش راڄ جي 1935ع واري آئين ۾ صوبن کي ڏنل هئا جيڪي 1973 جي آئين ۾ ڪنڪرنٽ لسٽ جي نالي سان ڄاڻايل هئا پر تڏهوڪي پاڪستان جي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي ڪو چئرمين محترم آصف علي زرداري ٻه قدم اڳتي وڌي پنجهتر سالن کان حقيقي سڃاڻپ ۽ نالي کان محروم اڳوڻي سرحد صوبي ۽ هاڻوڪي خيبر پختونخواه کي پنهنجي سڃاڻپ ڏني ۽ سنڌ صوبي کي پنهنجو درست اچار ڏيڻ لاءِ انگريزي ۾ ايڇ جو اضافو ڪيو.
صوبن کي پنهنجن تاريخي ۽ قومي حقن کان محروم رکندڙ مضبوط مرڪز جون حمايتي قوتون اڄ به ارڙهين ترميم ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ کي تبديل ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن، جنهن ۾ نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم برابر جون شريڪ آهن. اهو ئي سندن تاريخي قومي شعور کان وانجهيل هئڻ جو دليل آهي. پر پاڪستان جو باشعور عوام، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ تاريخي طور تي صدين کان موجود صوبا اهو سڀ ڪجهه ڪڏهن به ڪرڻ نه ڏيندا.
ارڙهين ترميم 1973ع جي آئين ۾ لڳ ڀڳ هڪ سو ترميمون آهن جن نواز ليگ ۽ مضبوط مرڪز جي حامين کي چيڙائي وڌو آهي، جيڪڏهن تاريخ ۾ جهاتي پائي ڏسنداسين ته مسلمان آبادي وارن صوبن انهيءَ سبب ڪري ڪانگريس جي مخالفت ڪئي هئي جو اها مضبوط مرڪز جي حامي هئي ۽ مسلم ليگ جا حامي ۽ طرفدار انهيءَ سبب ڪري بڻيا جو اها صوبائي خودمختياري جي وڪيل بڻيل هئي۔ 1940ع جو ٺهراءُ انهيءَ جو وڏو دليل آهي۔ پر نواز ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ مضبوط مرڪز جي نالي ۾ ملڪ جو اڌ حصو وڃائڻ کان پوءِ به هوش ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهن.
ارڙهين ترميم خلاف عمران جي حڪومت هجي يا نواز ليگ هجي، اهي اسٽيبلشمينٽ سان هڪ پيج تي موجود آهن۔ ان جو واضع مثال اهيو آهي ته عمراني حڪومت ارڙهين ترميم تحت صوبن کي منتقل ڪيل وزارتون مختلف نالن سان وفاق ۾ برقرار رکيون.ياد رکڻ جي ڳالهه اها آهي ته ارڙهين ترميم تحت سترهن وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻيون هيون، جنهن ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انساني حقن وارا کاتا به شامل هئا پر اسٽيبلشمينٽ نواز ليگ جي ٽيڪ تي اهي کاتا اسلام آباد ۾ ئي رکڻ مناسب سمجها، جيڪا ننڍن صوبن سان ناانصافي ۽ 1973ع جي آئين توڙي ارڙهين ترميم کان انحرافي جي برابر آهي۔نواز ليگ سان ٻيو معاملو ستين اين ايف سي ايوارڊ جو آهي جيڪو صوبن ۽ وفاق جي رضا مندي سان لاڳو ڪيو ويو هيو، ساڳي طرح نواز ليگ کي اها پريشاني آهي ته ارڙهين ترميم تحت اين ايف سي ايوارڊ کي جيڪو آئيني تحفظ مليل آهي، جنهن موجب اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائي نٿو سگهجي انهي لاءِ ارڙهين ترميم جي آرٽيڪل هڪ سئو سٺ جي شق A-3 ڏسڻ گهرجي پر اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ مالي ورڇ جي تبديلي تي زور ڏنو آهي، ۽ ساڳي طرح نواز ليگ ارڙهين ترميم ۾ ڪجهه تبديلن کي اليڪشني منشور جو حصو بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي پر عوامي دٻاءُ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي همٿ ڀرئي موقف سبب پوئتي هٽي وئي آهي، پر پاڪستان جي عوام کي سندس نيتن ۽ ارادن جي پروڙ پئجي وئي آهي ته ارڙهين ترميم ۽ ستون اين ايف سي ايوارڊ سندن نشاني تي آهي.
ستون اين ايف سي ايوارڊ ڪو ماڊل مالي ورڇ جو پروگرام نه آهي ۽ عالمي معيار جي مالي ورڇ سان برميچي نٿي سگهي جيڪو فيڊريشن واري جوڙ جڪ جي ملڪن ۾ لاڳو آهي. هن ايوارڊ ۾ سڀ کان وڏو حصو آبادي جي بنياد تي ڏنو وڃي ٿو جنهن جو سڀ کان وڏو فائدو پنجاب صوبي کي پهچي ٿو۔ جڏهن ته ايراضي، غربت ۽ سالانه اوڳاڙي جي لحاظ کان سنڌ ۽ بلوچستان جو نالو اچي ٿو جن جو حصو تمام گهٽ رکيل آهي، تازي نئين سياسي تبديلي جو هڪ نئون محرڪ سامهون آيو آهي ته نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان به ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي متفق نظر اچي رهيون آهن،ايم ڪيو ايم جي سدائين پاليسي رهي آهي ته اها پنهنجي گروهي ۽ متعصب ذهينت سبب صوبائي حقن بدران مضبوط مرڪز جي حامي رهي آهي۔ نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جو نئون راڳ به ٻڌڻ وٽان آهي ته اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي جيڪو حصو ڏنو وڃي ٿو ساڳي طرح صوبا به ضلعن لاءِ مالي ايوارڊ مقرر ڪن يا وفاق صوبي کي پئسا ڏيڻ بدران سڌو سنئون ضلعن کي منتقل ڪن. جيڪا هڪ آمر جي غلط فيصلي جي نشاني آهي، جنهن کي ٻئي ڌريون برقرار ۽ لاڳو ڪرڻ چاهين ٿيون ۔
سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته وفاق ارڙهين ترميم تحت صوبن کي پنهنجا اختيار منتقل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ وري ساڳيون جماعتون صوبن جي حقن تي راتاها هڻندي صوبائي حڪومتن کي ناڪاره بڻائڻ لاءِ ضلعن کي سڌا پئسا ڏيارڻ جون حامي آهن۔جيڪو سڌو سنئون صوبن جي خودمختياري ۽ مفادن سان ٽڪراءُ واري ڳالهه آهي۔جيڪو ڪم پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان جو عوام ڪڏهن به ڪرڻ ڪونه ڏيندا۔ ارڙهين ترميم ۽ ستون اين ايف سي ايوارڊ ننڍن صوبن جي اها حاصلات آهي جنهن لاءِ ڏهاڪن تائين وفاقي توڙي قومپرست پارٽين جدوجهد ڪئي آهي. جيڪو هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪوششن سان نه رڳو اهي لاڳو ٿيون آهن ، پر ان جو ثمر به اچڻ شروع ٿي ويو آهي۔ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ کي پنهنجي روح موجب لاڳو ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي چونڊ ڪرڻ گهرجي ڇا ڪاڻ ته پرامن جدوجهد ئي حقن کي ڪاغذن کان عملن ۾ آڻي سگهي ٿي