ڪريمان بلوچ جي رت سان ٻاريل مشعل بلوچستان جي بهادر عورتن کي نئين جوش جذبي سان حقيقي جدوجهد ڏانهن مائل ڪيو آهي. جڏهن عورت ڪنهن به تحريڪ جو بنيادي ٿنب هوندي ته اها تحريڪ تاريخ جي گواهه بڻجي فرسوده سماج ۽ غير انساني بنيادن کي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيندي. حقن لاءِ جنگ هجي يا سماج جي حقيقي بنيادن تي انصاف لاءِ چئي سگهجي ٿو ته انقلاب لاءِ تاريخ جا نمايان اهم ڪردار جن ظالم وقت جي حڪمرانن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن. ڏسجي ته تاريخ جي تسلسل ۾ هر ورق گواهي ڏيندي ته سماج رجعت پسند لاڙن کان وٺي ترقي پسند، انقلابي ۽ سياسي سوچ سان هر انتهاپسندي جو مقابلو ڪيو آهي. عورت جنهن کي نفيس نازڪ جهڙن جذباتي گمراهه ڪندڙ جملن سان ڀيٽ ڏئي اصل سوچ ۽ حقيقي مسئلن کان منهن موڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ جي باوجود ان جو سامهون يا پردي جي پويان اهم ڪردار رهيو آهي.
دنيا جي ترقي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي باوجود پوئتي پيل، مدي خارج، انتهاپسندي جي غلط روين، لاڙڻ هميشه سماجي اڀرندڙ ترقي کي نقصان رسايو آهي. برداشت جي به ڪا حد هوندي آهي جڏهن حدن جا دائرا ٽٽي سجاڳيءَ جو آواز بلند ڪن ته غلاميءَ جو زنجيرون ڀري ڀور ٿي وينديون ۽ پنهنجي پيارن جي آزادي ۽ بلوچستان جي ڌرتي، حق ۽ انصاف جي بنيادي ضرورتن سان ٿيندڙ استحصال خلاف پهاڙن جي چوٽين سان ٽڪرائيندي هڪ آواز بلند ٿئي ٿو. آواز گونجار انصاف جي ايوانن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته سندن رستا روڪ ڪئي وڃي ٿي پر هن پهاڙي بهادر نياڻين جو قافلو ڪنهن به وڇايل ڪنڊن کان بي خبر ٿي گاڏين ۾ سفر ڪرڻ بدران پيرين پنڌ قافلو اسلام آباد يعني وڏي عدالت ۽ حڪمرانن جي شهر ڏانهن مظلوميت جي پڪار ٿي وڃي ٿو.
هنن معصوم عورتن ۽ نياڻين جي هٿن ۾ ته شايد سخت سرديءَ کان بچاءُ جا به ڪي بندوبست نه هئا پر سندن حق ۽ انصاف گهرڻ واري سج جي ڪرڻن جهڙي نعرن جي گونج ۾ اسلام آباد جي ايوانن ڏانهن رخ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ڄڻ ڪو اهڙو ائٽمي هٿيار هجي جنهن سان اسلام آباد جون ڀتيون ڀري پون ها. هن پرامن جلوس جي قافلي ۾ رڳو بلوچ قوم جي حقن آزاد خودمختياريءَ سان سندن حقن کي ماڻڻ، مسنگ پرسنز جي آزادي، جبري گمشدگين لاءِ ڪٽهڙي ۾ آڻي جاچ جو مطالبو ڪيو جيڪو آئيني ۽ قانوني لحاظ سان جائز آهي. شهيد ساٿين جي قتل جي جاچ ڪنهن به حوالي سان قانون جي ڀڃڪڙي نٿو چئي سگهي. جيڪڏهن بلوچ عورتن، مائرن، ڀينرن، ڌيئرن پنهنجي پيارن جي لاشن تي ويهي ماتم ڪرڻ بدران ملڪ جي حڪمرانن جي بي حسي تي ماتم ڪرڻ لاءِ آواز بلند ڪيو آهي ته ان آواز کي دٻائي صوبي بدر ڪرڻ ڪهڙي آئين جي تقاضا آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان ٺهڻ وقت بلوچستان کي زبرستي پاڪستان جو صوبو قرار ڏنو ويو. اڄ ان صوبي جي نياڻين کي اسلام آباد کان بيدخل ڪيو ويو آهي جيڪا انتهائي افسوس جهڙي ڳالهه آهي. پهاڙن کان به مضبوط حوصلي وارين نياڻين کي ڪير به جهڪائي نٿو سگهي. ڪمزور انتظاميا جڏهن عوام مسئلن ۽ مونجهارن جو شڪار ٿيندي آهي رڳو ايترو وس ۽ وت ظاهر ڪندي 76 سالن کان بي وسي ۽ لاچاري جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ جا اڳواڻ صرف ۽ صرف برسات جي موسم ۾ ماڪوڙن وانگر پر لڳي پيا هر گهر ۾ گهرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ايئن بدقسمتي سان وڏين پارٽين جا اڳواڻ رڳو چونڊن لاءِ عوام آڏو اڏامندي نظر ايندا آهن.
بلوچستان کي جيڪڏهن الڳ ڪري ڇڏي ته گئس، ڪوئلي ڪيترن قيمتي ۽ ناياب پٿرن کان ملڪ محروم ٿي سگهي ٿو. بلوچستان معدني حساب سان سون ورني زمين ليکي وڃي ٿي. پر پاڪستان ۾ سندن حيثيت بلڪل ننڍي ڀاءُ کي نظر انداز ڪرڻ واري رهي آهي توڙي جو کڻي ايراضيءَ جي لحاظ کان هيءُ وڏو صوبو آهي سندس صبر جي انتها اها آهي ته هن ملڪ کان الڳ ٿيڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي. پر پنهنجي جان مال بچائڻ ۽ بنيادي حقن جي آواز کي کڻي بلوچ نياڻيون پنهنجي روايتي لباس ۾ ملبوس تهذيب جي دائري ۾ پرامن آواز اٿاريو آهي. هنن بهادر نياڻين فرسوده نظام جي مدي خارج روايتن کي ڏار وجهي شعور جي مشعل ٻاري آهي.
اها حقيقت آهي ته دنيا جي تبديلي شعور تحت اڀريندي ته اهڙي مقناطيسي جنگ جا اثر سڄي دنيا تي نظر ايندا. بلوچستان جنهن کي خاموش سمجهيو ويندو هو پاڪستان جي چئني صوبن مان ڳڻپ ڪجي ته سنڌ جي مائي بختاور کانپوءِ بلوچستان جي ڪريمان بلوچ مايوسي جي ماحول کي ختم ڪيو ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي اڳواڻي ۾ اڇلائيندڙ پٿرن ۽ پيرن ۾ چڀندڙ ڪنڊن جي پرواهه نه ڪندي اميرن، جاگيردارن، سرمائيندارن جي ملڪ جي واڳ ڌڻين آڏو همٿ ۽ حوصلي جو آئينو ڏيکاريو آهي. سچ چوندا آهن ته تحريڪ کي مراعات جي نه پر سر تي ڪفن ٻڌي احتجاجي سوچ جا روح روان ٿي غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙڻو آهي ماهه نور بلوچ جو چوڻ هو ته اسين واضح ڪيون ٿا ته اسين اسلام آباد ۾ ڪا اميد کڻي نٿا وڃون ڇو ته اتي انصاف نه پر محڪوم قومن سان استحصال جون پاليسيون ٺهنديون پر اسين سڄي دنيا جي قومن کي جاڳائڻ وڃون ٿا. اسين بلوچ نسل ڪشي جي حوالي سان سڄي دنيا کي آگاهه ڪرڻ وڃون ٿا. هڪ بلوچ نياڻيءَ جي جرئت منداڻي اپيل ڪنهن حد تائين انسانيت کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. جڏهن اسين ڪشمير فلسطين ۽ ڪنهن مسلم ملڪن جي حملن ۽ زيادتين قتل عام جي مذمت ڪيون ٿا ته اسانجي ملڪ جي معصوم نوجوانن، ٻارن، نياڻين به اهڙي ئي ماءُ جي ڪک مان جنم ورتو آهي ۽ انسانيت جا جذبا پڻ ساڳيا آهن.