وڌندڙ مهانگائي ۽ شين جي اگهن تي ضابطو آڻڻ جو سوال

رياض ابڙو 

مهانگائي جي ڪري هڪ ڳالھه  ته مڃڻ جهڙي آهي ته جيترو عذاب پگهاردار ۽ ڏهاڙي دار جي لاءِ آهي ايترو عذاب ٻين  جي لاءِ ناهي. معني بزنس مين کي، مڊل مين يا بروڪر کي جيڪا شيءِ جيتري ۾ ملندي اها شيءِ وري ايتري ۾ ئي کپائيندو. پر هاري، مزدور ۽ پگهاردار ساڳي سرڪل ۾ ٿا اچن، ۽ اهو به آهي ته مهانگائي جي ڪري جيترو مشڪل گذارو انهن طبقن جي ماڻهن جو آهي شايد ئي ڪنهن جو هجي، ڇو ته مهانگائي جي ڪري سڄو اثر ۽ بار رڳو ان طبقي تي آهي. هتي ٻاهرين ملڪن جي ڳالھه  ناهي، اتي ته پرائيس ڪنٽرول آهي، اتي شهري آبادي ۽ ”ڪنزيومر گڊس“ کي کپائڻ ۽ خرچ ڪرڻ جا ڪجهھ اصول، قائدا ۽ مول متا به هوندا آهن، اهي هر شيءِ حڪومتي ٽيڪس جي دائري ۾ کپائن، خريد ڪن ۽ خرچ ٿا ڪن، ان ڪري اهي سرڪار ۽ عوام جي آڏو جوابده به آهن.

دوڪاندار، واپاري ۽ بروڪر به عوام مان ڪڍندا آهن ۽ انهن مارڪيٽن، بروڪرن ۽ دوڪاندارن جي مرضي هوندي آهي ته جنهن شيءِ تي پرائيس ٽيگ ناهي ته پوءِ اها انهن جي مرضي هوندي آهي ته ان شيءِ کي جيتري ۾ به کپائن يا گراهڪ جيتري ۾ ڦاسي، معني جيئن ڪپڙي جي دوڪان تي وڃو جيڪي ڪا عام برانڊ يا اڻ سبيل ڪپڙو کپائيندا هجن، يا ڪنهن بوتيڪ يا وڏي شاپنگ مال ۾ وڃو، جتي اهي پرائيس ٽيگ پنهنجي مرضي جا هڻي ويهندا آهن، ڇو ته انهن کان ڪير پڇا نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي کين ڪير چوڻ آکڻ وارو آهي. وري اهو به آهي ته جيئن ڪپڙي وارو جيڪڏهن اڌ جو اڌ مٿي ٻڌائي وري ان مان ڪجهھ گهٽ ڪري ته اسان ته ان جي بارگيننگ ۽ ڊيلنگ مان خوش ٿي ويندا آهيون.

وري صبح جو سبزي ۽ فروٽ جا اگھه هڪڙا، منجھند جو ٻيا وري شام يا دير سان وري اگھه ٽيان، اهڙي مارڪيٽ پليسز کي ڪير ڪنٽرول ڪندو؟ اڳي ڪنهن دور ۾ ٽائون ڪاميٽيون، ڊي سي آفيسيون، مختيارڪارن جون آفيسون ۽ ضلعي انتظاميا هر دوڪاندار ۽ سبزي واري کي ”اگھوتري“ جي لسٽ ڏيندا هئا جنهن تحت دوڪاندار به پابند هوندا هئا ته اهي شيون انهن لسٽ ۾ ڏنل اگھن مطابق کپائيندا. پر هاڻي ته انڌُ آ، ڪنهن به ريڙهي واري وٽ، ڪنهن به دوڪاندار وٽ، ڪنهن به مارڪيٽ ۾ ڪا به لسٽ، ڪو به ضلعي انتظاميا جو ماڻهو، ڪو به ٽائون ڪميٽي جو فرد نه ملندو يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا فرد به ريڙهين ۽ دوڪاندارن جي ڦيري گهيري پيا ڪندا آهن، پر مجال آهي جو ڪو ماڻهو ڪنهن کان پرائيس ڪنٽرول جي گهُر ڪري يا ڳالھه  ڪڍي. وري اهو فيشن به آهي ته ماڻهو پرائيس ڏسي، ٽيگ پڙهي، شيون پسند ڪري منهن ويڙهي هلي پوندا آهن، ڇو ته ڊپارٽمينٽل اسٽورز، وڏن شاپنگ مالز ۽ وڏن وڏن شيشن جي دوڪانن ۾ گهڙڻ سان ماڻهو جي بارگين ٿو ڪري يا لاهو گاهو ٿو ڪرائي ته معني اهو غريب آ، ان وٽ پيسا گهٽ آهن يا گهڻو ڳالهائيندو ته دوڪاندار ان کي شڪ جي نظر سان ڏسندا، ان ڪري پٽڪو بچائي هر ڪو ماڻهو اهڙن شاپنگ مالز، شيشي جي دوڪانن ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽورز مان عزت سان نڪري پئسا لٽائي ڦرائي نڪري ٿو اچي. پر ڏچو وري به ان لوئر ۽ مڊل ڪلاس واري ماڻهو جي لاءِ آهي جو اهو گهٽ ڪمائي جي ڪري، ويجز گهٽ هجڻ جي ڪري، گهٽ پگهار جي ڪري، وري وڏي فيملي ۽ مهانگائي جي زور جي ڪري اهي سدائين پريشان ٿا رهن، پوءِ انهن جو تدارڪ ڪير ڪندو ۽ نه ئي اها پرائيس ڪنٽرول پاليسي ڪا عمل ۾ ايندي به. ڇو ته ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي گهٽ آمدني واري ماڻهوءَ کي ٿڪائي ڇڏيو آ.

ڪرندڙ معيشت ته غريب ماڻهن سان اهڙي ڪئي آهي جو ماڻهن جي قوت خريد ئي ختم ٿي وئي آ، وري ڏينهون ڏينهن جي مهانگائي، ماڻهن جي ڪرندڙ في ڪس ڪمائي، بيڪار ”جي ڊي پي“ وڌندڙ امپورٽس ۽ ڪرندڙ ايڪپورٽس، ۽ حڪومتي ٻيا ڊراما جنهن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو، هر سال بجيٽ ڊيفيسٽ، سرڪيولر ڊيٽس جي راڳن اهڙي ته ويڌن ڪئي آهي جو گذريل 37 سالن ۾ ملڪ اهڙي بدترين ۽ بري معيشت ناهي ڏٺي جهڙي هن عارضي سرڪار جي ڪري ڏٺي اٿن، پر سرڪار اهو به مڃي ته جيستائين رپئي جي قدر ۾ اسٽيبلٽي (بحالي) يا اضافو ممڪن ناهي يا جيستائين آءِ ايم ايف جي پريشر ۽ ڊڪٽيشن ۾ ڪمي نه ٿي اچي،

ٽيڪس نيٽ جا دائرا کٽن نه ٿا، ٽيڪس بيس جي قيمتن جي واڌ ٿيندي رهندي، بجلي ۽ گيس جي ٽيرف جا وڌندڙ اگھه جيستائين آسمان سان ڳالهيون ڪندا رهندا يا پيٽرول، گئس ۽ بجلي جي سبسڊي برقرار نه رکي ويندي تيستائين پرائيس ڪنٽرول ممڪن ناهي، ڇو ته بروڪر، هول سيلر، مارڪيٽ ۽ ريٽيلر وٽ هڪ زبردست بهانو رهندو ٿو اچي ته حڪومت بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي اگھن ۾ واڌ ٿي ڪري ان ڪري اسان به شين جي اگھن ۾ اضافو ڪندا رهنداسين، پوءِ ماڻهو ته چپ ٿي ٿو وڃي، ۽ هڪ دفعو اگھه وڌائڻ کانپوءِ اهي دوڪاندار وري اگھه گهٽائڻ نه ٿا، پوءِ ڀلي پيٽرول کڻي ڪنهن مهيني ۾ سستو به ٿئي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.