اسلام آباد ۾ وفاق وٽ دانھن کڻي ايندڙ ھٿين خالي نياڻين جي مارچ سان جيڪو سلوڪ وفاقي راڄڌاني ۾ ٿيو آھي ان جو مثال ملڻ مشڪل آھي، نھ رڳو ايترو پر ان سلسلي ۾ عدليھ ۾ آيل ڪيس ۾ پڻ لاڳاپيل کاتي جي عملدارن سچ جو ساٿ نھ ڏنو ۽ انھن نھ رڳو عوام پر اختيارين کي بھ گمراھ ڪيو آھي.
بي ھٿيار نياڻين جي ھن پرامن مارچ جا مطالبا ايترا بھ ڳرا نھ ھئا جيڪي وفاق جي فصلائتي طاقتن ٻڌڻ ئي گوارا نھ ڪيا.تربت کان پيادل آيل بلوچستان جي نياڻين، ٻارن ۽ نوجوانن جي پرامن مارچ جو مطالبو ھو تھ گم ٿيلن کي بازياب ڪرايو وڃي. صوبي ۾جاري ”انڪائونٽر” جي عمل کي ختم ڪيو وڃي.عدالت کان مٿاھين عمل کي روڪيو وڃي، ايترن سادن مطالبن کي بھ ٻڌڻ جي سگھه نھ ساري سگھندڙ رياست ۽ ان جي اختيارين جي رويي مان اھو محسوس نٿو ٿئي تھ اھي پرامن جدوجھد اڳيان بيھي سگھڻ جي سھپ نٿا ساري سگھن ؟اسلام آباد پهتل بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي لانگ مارچ قافلي تي اسلام آباد پوليس روايتي وحشياڻو تشدد ڪيو جنھن مان اھو ئي سمجھي سگھجي ٿو تھ وس وارا تاريخ مان ڪو بھ سبق سکڻ جي لاءِ تيار نھ آھن.پوليس واٽر ڪينن ۽ شيلنگ ڪئي،نياڻين ۽ٻارن کي گهلي پوليس گاڏين ۾ سٿيو ويو.
اھڙي عمل تي سڄي ملڪ ۾ ڪاوڙ جي لهر کي وڌائي ڇڏيو آھي.بلوچن جي جبري گمشدگين، عدالت کان مٿاهن قتل واقعن ۽ سي ٽي ڊي هٿان بالاچ بلوچ جي شهادت واقعي خلاف رڪاوٽن باوجود سلام آباد ويجهو پهتل لانگ مارچ قافلي کي وفاقي راڄڌاني ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو. رات جي وقت دير سان اونداهي ۾ پوليس اٽالن چڙهائي ڪري نوجوانن، عورتن ۽ ٻارن تي ٿڌ ۾ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو، آنسو گئس ۽ لٺبازي بعد عورتن ۽ ٻارن سميت سوين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. مظاهرين خلاف ترنول ۽ ڪوهسار ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ 144 جي ڀڃڪڙي،سرڪاري ڪم جي سرانجامي ۾ مداخلت، زبردستي دڪان ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ ،سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، عورت پوليس اهلڪارن سان ڇيڙڇاڙ ۽ سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ جون شقون شامل ڪيون ويون آهن.حير ت جي ڳالھھ آھي ھن ايڪھين صديءَ ۾ جڏھن دنيا ۾ ڪجهھ بھ باقي لڪي نٿو سگھي تڏھن پوليس ۽ اسلام آباد جي انتظاميھ بي ھٿيار مارچ واري قافلي جي ماڻھن مٿان اھڙا الزام مڙھي رھي آھي.جنھن جو حقيقت سان ڪو تعلق نھ آھي.
اسلام آباد پوليس مطابق 283 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ۽ انهن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، مظاهرين کي احتجاج لاءِ اسلام آباد جي ايف نائن پارڪ ۽ ايڇ نائن جي آڇ ڪئي وئي پر انهن ڊي چوڪ وڃڻ جو ضد برقرار رکيو،پوليس مطابق جڏهن مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو ته پوءِ انهن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي ۽ آنسو گئس جو استعمال به ڪيو ويو.
رياست پاران جنھن طريقي سان ھن مارچ کي روڪڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ان جي لاءِ مارچ ڪندڙ مٿان جيڪي قانوني قلم ۽ الزام لڳايا اھي ڪنھن بھ ريت حقيقت سان ميچ نھ پيا ڪن.
جڏھن تھ حقيقت ھي آھي تھ پوليس جي وحشياڻي ڪارروائي سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي ھئي. ان سلسلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ٿيڻ ۽ وفاقي سرڪار پاران ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جي اعلان کانپوءِ گذريل ڏينهن بلوچ مظاهرين کي آزاد ڪيو ويو.سادي لباس ۾ مردن جي 7 ٿاڻن جي پوليس جون لائٽون بند ڪري ڇڏيون ۽ اونداهي ۾ زخمي بلوچ عورتن ۽ ٻارن کي گهليندي بسن ۾ وڌو ويو ۽ انھن کي بلوچستان واپس موڪليو ويو.
سوشل ميڊيا تي جاري وڊيو ۾ عورتن جي روئڻ ۽ ڪيهاٽ جا آواز ٻڌي سگهجن ٿا، سينئر صحافي حامد مير ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته اسلام آباد پوليس ٻنپهرن جو هاءِ ڪورٽ ۾ چيو ته سمورين عورتن کي آزاد ڪيو ويو آهي پر انهن عورتن کي اڄ زبردستي گاڏين ۾ ويهاري ڪوئيٽا نيو پيو وڃي، وفاقي وزيرن کان به غلط پريس ڪانفرنس ڪرائي وئي،هڪ وڊيو پيغام ۾ ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ چيو ته اسان نه گرفتارين کان ڊڄون ٿا، نه ڪيسن کان ڊڄون ٿا،توهان چئو ٿا ته اسان هتي ڌاڙو هڻڻ آيا آهيون، توهان 70 سالن کان اسان جي سرزمين تي ڌاڙا هڻي رهيا آهيو،وسيلا ڦري رهيا آهن، توهان کي شرم نٿو اچي ته اسان پٿر کنيا،اسان گهر وڃڻ لاءِ نه آيا آهيون،توهان اسان جي گهرن کي باهه ڏني آهي.
هوڏانهن اسلام آباد پوليس سان مخاطب ٿيندي ماه رنگ بلوچ چيو ته تربت کان اسلام آباد تائين جو سفر اسان ان ڪري نه ڪيو هو ته اسان تي تشدد ٿئي ،اسان ان ڳالهه جو انتظار ڪندا رهياسين ته توهان رستا کوليندا، پر توهان اهي نه کولي ثابت ڪيو ته توهان فاشسٽ آهيو، سمي دين بلوچ چيو ته مون کي ۽ اسان جي وڪيل کي اسلام آباد پوليس گهرايو ۽ اسان کي چيو ويو ته گرفتار مظاهرين کي حوالي ڪنداسين ان سان گڏ ٻه شرط اسان جي سامهون رکيا ويا، پهريون اسلام آباد بدري ۽ ٻيو پرامن احتجاج. جڏهن ته اسان لکي پرامن احتجاج جي گارنٽي ڏني هئي پر ھو پنهنجي ڳالهين کان ئي ڦري ويا.بلوچستان کان ڊگھو پنڌ ڪري اسلام آباد پھتل نياڻين ۽ ٻارن کي اھا اميد ڪا گھڻي تھ نھ ئي تھ وفاق سندن دانھن ٻڌندو پر ان ھوندي بھ انھن اھڙي ھجت بھ ڪري ورتي.جنھن بعد اھو ثابت ٿي رھيو آھي تھ اسان جا اڪابر ۽ ماھر رڳو پرامن جدوجھد کان ايترو ڊڄي رھيا آھن.
ملڪ جي آئين ۾ ڄاڻايل حقن کان بھ انڪار ڪرڻ وارو عمل آئين جي ڀڃڪڙي آھي، سمورين سياسي ڌرين کي ھن عمل خلاف پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گھرجي، جئين ملڪ ۾ آئين تي عمل ٿيڻ واري پاسي ڏانھن ڳالھھ وڌي سگھي.ملڪي سياست ۾ بلوچستان جي نياڻين جي ھي پرامن جدوجھد جيتوڻيڪ سادو عمل آھي پر ان جا ملڪي سياست تي گھرا اثر پوندا.جنھن مان نوان رخ پيدا ٿيندا.