ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ليجنڊري ڪاميڊين، اداڪار، ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر اسراڻي 84 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪار جي ڀائيٽي سندس موت جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اسراڻي ڪجهه عرصي کان بيمار هو، جنهن اڄ شام ممبئي جي اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
رپورٽن موجب، ممبئي جي سانتاڪروز علائقي جي شاستري نگر ۾ قائم شمشان ڀوميءَ ۾ سندس آخري رسمون ادا ڪيون ويون، جتي سندس ڪٽنب سميت ويجهن عزيزن شرڪت ڪئي.
موت کان ڪجهه ئي ڪلاڪن بعد سندس آخري رسمن بابت پڇيل سوال تي اسراڻي جي نجي سيڪريٽري بابو ڀائي ميڊيا کي ٻڌايو ته ” اسراڻي پنهنجي زال منجوءَ کي چيو هو ته هو نٿو چاهي ته سندس ”موت خبرن جي سرخين جو حصو بڻجي يا هن جي لاڏاڻي تي شور مچي“،اهو ئي سبب آهي جو سندس آخري رسمن کان پوءِ ئي سندس موت جي تصديق ڪئي وئي.
اداڪار جي آخري رسمن ۾ سندس زال منجو، ڀيڻ ۽ ڀائيٽو پڻ موجود هئا.
گورڌن اسراڻي 3 سيپٽمبر 1940ع تي جئپور، راجسٿان (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو، سندس وڏڙن جو تعلق سنڌ سان هو، 1947ع ۾ ورهاڱي کان پوءِ سندس خاندان ڀارت هليو ويو.
اسراڻي جو شروعاتي دور
پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ اداڪار جو چوڻ هو ته سندس پيءُ جئپور ۾ هڪ ڪارپِٽ ڪمپنيءَ جو مئنيجر هو ۽ هو اسڪول ۽ ڪاليج تائين جئپور ۾ ئي پڙهيو.
سندس چوڻ هو ته ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ ئي هن فلمي دنيا ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر شروعاتي ڪوششن باوجود فلمي سفر شروع نه ٿي سگهيو.
هن جئپور ۽ پوءِ ممبئي ۾ تعليم حاصل ڪئي، شروعات ۾ هو بئنڪ ۾ ملازمت ڪندو هو، پر پوءِ اداڪاري لاءِ ممبئي جي ”فلم انسٽيٽيوٽ آف انڊيا“ ۾ داخلا ورتي ۽ اتان کان گريجوئيشن ڪئي، اداڪارا جيا بهادري(بچن) سندس ڪلاس فيلو هئي.
پوني ۾ کيس مشهور اداڪاري جي استاد روشن تنيجا پڙهايو.
هن جو چوڻ هو ته ”فلم انسٽيٽيوٽ پهچي خبر پئي ته اداڪاري جا به طريقا ٿيندا آهن، اِها به هڪ سائنس وانگر پيشو آهي، جتي توهان کي ليب ۾ وڃڻو پوندو، تجربا ڪرڻا پوندا.“
ائين هن سمجهي ورتو ته اداڪاري ۾ ٻاهرئين ميڪ اپ سان گڏ اندروني ميڪ اپ به ضروري آهي.
انٽرويو ۾ اسراڻي اداڪار موتيلال سان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته ”هڪ ڀيرو موتيلال فلم انسٽيٽيوٽ ۾ آيو، مون جي ننڍڙي ايڪٽنگ مشق ڏسي پڇيائين ’تون راجندر ڪمار جون فلمون ڏسندو آهين نه؟‘ پوءِ چيو، ’اسان کي فلمن ۾ نقل نه پر پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ گهرجي، ‘ اهو مون لاءِ وڏو سبق هو.“
فلم ۾ پهريون موقعو
اسراڻي ان انٽرويوءَ ۾ ٻڌايو هو ته پوني جي فلم انسٽيٽيوٽ ۾ ايڊيٽنگ سيکارڻ لاءِ ڊائريڪٽر رشيڪيش مُکرجِي ايندو هو.
هڪ ڏينهن هن کائنس چانس گهري، پر ڳالهه اڳتي نه وڌي، ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن رشيڪيش مکرجي فلم ”گُڊي“ لاءِ اداڪارا ڳولي رهيو هو ته اسراڻي کيس جِيا بهادري بابت ٻڌايو، ان وقت گيت ڪار، هدايتڪار گلزار ساڻس گڏ هو.
اسراڻي چيو ته ”جيا بهادري سان ڳالهائڻ کانپوءِ مون گلزار سان ننڍڙي ڪردار بابت ڳالهايو.گلزار چيو ته ”گڊ ي“ ۾ هڪ ننڍڙو رول آهي، پوءِ مون رشيڪيش کان اهو ئي رول گهريو، جيڪو نيٺ مونکي ملي ويو.
فلم هِٽ ٿي، پوءِ منوج ڪمار جي مٿس نظر پئي، کيس چار پنج فلمون ملي ويون ۽ اتان کان سندس ڪيريئر شروع ٿيو.
پنج ڏهاڪن تائين پکڙيل فلمي ڪيريئر ۾ اسراڻي هندي فلم انڊسٽري کي ڪيئي يادگار ڪردار ڏئي ويو.
اسراڻي 350 کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، مزاحيه ۽ مددگار ڪردارن ذريعي ڀارتي سئنما ۾ هڪ مضبوط سڃاڻپ قائم ڪئي.
هو ٽيليويزن تي به ڪافي سرگرم رهيو آهي ۽ ڪيترن ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين.