اسلام آباد (معظم فخر) پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت کي پنهنجا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ 30 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. پارٽي قيادت اعلان ڪيو آهي ته هڪ مهيني کان پوءِ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو ٻيهر اجلاس ٿيندو، جتي اڳڀرائي جو جائزو وٺي حتمي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلز پارٽي سياسي حڪمت عملي جي بحران جو شڪار آهي. پارٽي جي خواهش آهي ته اها حڪومتي ڌر جي طاقتور مخالف طور سامهون اچي، پر موجوده نظام ۾ رهي اهو ڪردار ادا ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي. جڏهن آصف علي زرداري صدر ۽ يوسف رضا گيلاني وزيراعظم هئا، تڏهن پارٽي ن ليگ سان مخالفت بدران پنجاب ن ليگ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن سبب تحريڪ انصاف کي پنجاب ۾ پنهنجا پير ڄمائڻ جو موقعو مليو. هاڻ جڏهن تحريڪ انصاف جو چيئرمين قيد ۾ آهي ۽ تنظيم غيرفعال آهي، ته پيپلز پارٽي لاءِ پنجاب ۾ سياسي جاءِ ٺاهڻ جو موقعو موجود آهي. پر پارٽي وٽ نه قيادت آهي، نه ئي ڪو واضح بيانيو، جيڪو پنجاب جي عوام کي متاثر ڪري سگهي. ان سان گڏ، مسلم ليگ نون پنجاب تي مڪمل گرفت حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ پيپلز پارٽي کي سياسي جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نظر نه ٿي اچي. اهڙي صورتحال ۾، جيڪڏهن پيپلز پارٽي پنجاب ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ چاهي ٿي ته ان کي موجوده نظام مان ٻاهر نڪري، حقيقي مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. يا ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جو وڏو وزير بڻجي، ڪارڪردگي ذريعي پنهنجو مثال قائم ڪري، يا پارٽي ملڪ گير سطح تي پنهنجو سياسي بيانيو مضبوط ڪري. ٻي صورت ۾، رڳو پڌرائي جاري ڪرڻ ۽ مهلت ڏيڻ سان پيپلز پارٽي کي عوام جو اعتماد ٻيهر حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿيندو. جيڪڏهن پارٽي حقيقت ۾ پنجاب ۽ وفاق ۾ واپسي چاهي ٿي ته ان کي مخالف ڌر طور ميدان ۾ لهڻ گهرجي، نه ته موجوده رويو پارٽي لاءِ سياسي طور وڏو ڌڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. پيپلزپارٽي ٻن گهوڙن تي سوار ٿيڻ چاهي ٿي، اسٽيبلشمينٽ سان به رهڻ چاهي ٿا، ن ليگ کي ٽف ٽائم به ڏيڻ چاهين ٿا، هڪ ئي وقت ٻنهي تي سواري ممڪن ناهي. پيپلزپارٽي کي وفاق جي سياست ڪرڻي پوندي. چئني صوبن جي زنجير واري نعري جيان بيانيو ڏيڻو پوندو. اصل اپوزيشن لاءِ کين سڀ آئيني عهدا ڇڏڻا پوندا.