آڊيو ليڪس ڪيس، ٻن جاچ ايجنسين جا سربراهه ذاتي حيثيت ۾ طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪيس ۾ ڊي جي انٽيليجنس ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي 19 فيبروري تي طلب ڪري ورتو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار آڊيو ليڪس ڪيس جو 7 صفحن تي ٻڌل لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل ٻڌايو ته وفاقي حڪومت ڪنهن انٽيليجنس ايجنسي کي ٽيليفون ڪالز رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني.
حڪم نامي موجب اٽارني جنرل چيو ته سڀني شهرين جي پرائيويسي ۽ حقن جو تحفظ ضروري آهي، آڊيو ليڪس سوشل ميڊيا تي ڪنهن رليز ڪيون؟ ايف آءِ اي جواب لاءِ وقت گهريو.
عدالت چيو آهي ته ايف آءِ اي آڊيو ليڪس شيئر ڪندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽن جي تفصيلن سان گڏ رپورٽ پيش ڪري ۽ ڊي جي ايف آءِ اي پيش ٿي ٻڌائي ته فون ڪالز جي سرويلنس ۽ رڪارڊنگ ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم ۾ لکيل آهي ته آءِ ايس آءِ بچاءَ واري وزارت ذريعي آڊيو ليڪس تي پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي، رپورٽ موجب آءِ ايس آءِ وٽ سوشل ميڊيا تي شيئر ڄاڻ جي سورس جو پتو لڳائڻ جي ٽيڪنالاجي ناهي، انٽيليجنس بيورو انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪري ته آڊيو ليڪس ڪهڙن اڪائونٽن تان شيئر ٿيون.
عدالت حڪم ڏنو ته غير قانوني رڪارڊ ڪيل ڪالز جي آڊيو شيئر ڪندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽن جا تفصيل جمع ڪرايا وڃن، ڊي جي آءِ بي ٻڌائي ته پاڪستان جي شهرين جي سرويلنس ڪير ڪري سگهي ٿو؟ اهو به ٻڌايو ته رياست وٽ غير قانوني سرويلنس کان محفوظ رهڻ جي صلاحيت آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.