ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مقبول ترين اداڪار سلمان خان بلوچستان کي پاڪستان کان ڌار ڪري ڇڏيو.
سلمان خان جي تازي بيان انٽرنيٽ تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، سعودي عرب ۾ هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سڀ سعودي عرب ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون، هتي بلوچستان، افغانستان ۽ پاڪستان جا ماڻهو آهن.
سوشل ميڊيا واهپيدارن سلمان خان جي ان بيان تي تنقيد ڪندي ان کي ڀارت ۾ وڌندڙ ان رجحان جي عڪاسي قرار ڏنو، جنهن ۾ اهم مسلمان شخصيتون پنهنجي حب الوطني ۽ وفاداري ثابت ڪرڻ لاءِ سخت دٻاءَ کي منهن ڏئي رهيون آهن.
تجزئي نگارن موجب سلمان خان جا ريمارڪس سوچيل سمجهيل حڪمت عملي نظر اچن ٿا، جنهن جو مقصد بي جي پي کي خوش ڪرڻ، سياسي مقبوليت حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي ايندڙ فلم لاءِ ماحول سازگار بڻائڻ جي ڪوشش کانسواءِ ڪجهه ناهي.
ڀارت جا مسلمان فنڪار ۽ رانديگر رياستي وفاداري جي ثبوت ۾ پنهنجي سڃاڻپ کي قربان ڪندا آهن، عرفان پٺاڻ، جاويد اختر ۽ هاڻ سلمان خان، اهي سڀ مثال واضح ڪن ٿا ته اهي بيان جذباتي ردعمل نه پر خوف، مقبوليت ۽ دٻاءَ جي سياسي راند جو حصو آهن.
”سلمان خان جو پاڪستان مخالف بيان“ هي به رياستي وفاداري ثابت پيو ڪري: سوشل ميڊيا واهپيدار
You might also like