بلوچستان مسئلو ڳنڀيرتا جي آخري حد تائين پھچي چڪو آھي، جتي جا ماڻھو احساس محرومي سان گڏ عدم تحفظ ۽ ملڪي قانون جي ٻٽي معيار جا به شڪار آھن، جتي ھزارين سياسي ڪارڪنن ۽ نوجوانن کي جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو آھي، ۽ ھن وقت تائين کين سوين چچريل لاش پڻ ملي چڪا آھن. سندن شڪايتن جو ازالو ۽ ساڻن انصاف ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ناھي، ٻيو ته ٺھيو پر جيڪڏھن بلوچستان جا شھري خود سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جي خلاف آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته کين ڏاڍ ۽ ڏنڊي جي زور تي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، جيڪو غير جمھوري، غير اخلاقي ۽ غير قانوني عمل آھي، ڪنھن به شھري سان اھڙي ورتاءُ جي اجازت ملڪ جو آئين به نٿو ڏئي ۽ ايئن ڪرڻ اخلاقي طور به ٺيڪ ناھي، ڇو ته اظھار جي آزادي ھر شخص جو جمھوري ۽ بنيادي حق آھي، پر ھتي مظلوم قومن جي ٻين حقن سان گڏ اھو انساني ۽ بنيادي حق پڻ غضب ڪيو وڃي ٿو.
جيتوڻيڪ بلوچستان جو معاملو ڪو نئون ۽ اوچتو پيدا ٿيل ناھي، ان مسئلي کي ڪيئي ڏھاڪا گذري چڪا آھن، ان وچ ۾ ڪيتريون ئي عوامي حڪومتون پڻ آيون، پر انھن مان ڪنھن به بلوچستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، ڇو ته ملڪي تاريخ ۾جيڪي به سول حڪومتون آيون آھن اھي بي اختيار ۽ مجبور ھيون، وٽن فيصلا ڪرڻ جا اختيار نه ھئا، ۽ انھن ڪو به غير جانبدار ۽ سياسي فيصلو ڪري اسٽيبلشمينٽ کي ناراض ڪرڻ نٿي چاھيو، نه ته بلوچستان مسئلي جو سياسي حل ممڪن هو/آهي. ذوالفقار علي ڀٽو چونڊيل وزيراعظم جي حيثيت ۾ بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ ٻين سوين بيگناھ ماڻھن سان گڏ بلوچ قومپرست اڳواڻ عطاءُ اللّه مينگل جي نوجوان پٽ اسد الله مينگل کي پڻ کنڀي گم ڪيو ويو ھو، جنھن جو نه ته ڪو ڏس پتو پئجي سگھيو ھو، ۽ نه ئي سندس لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو ھو.
ھونئن ته بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ايوب خان ۽ ان کان اڳ ۾ يعني گڏيل پاڪستان ۾ پڻ ٿيندا رھيا، پر 1975ع ۾ به بلوچستان تي طاقت جو استعمال ڪيو ويو ھو، يعني بنگلاديش جي قائم ٿيڻ کان چار سال پوءِ. ان ڳالھه مان ئي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ نه ته تاريخ کان پھريان به ڪو سبق حاصل ڪيو ھو ۽ نه ئي ھاڻ به ڪجهھ سکڻ جي موڊ ۾ نظر اچي ٿي. نواز شريف پنھنجي گذريل دور ۾ بلوچستان جو دورو ڪري بلوچستان پئڪيج جو اعلان ڪيو ھو، جيڪو صرف اعلان ئي رھجي ويو ھو، سياسي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ھاڻي به نواز شريف ۽ آصف علي زرداري بلوچستان جو مسئلو حل ڪرڻ ۽ سندن احساس محرومي ختم ڪرڻ جي ھام ته ھڻن ٿا پر سچ اھو آھي ته ان معاملي ۾ نواز شريف، آصف علي زرداري ۽ ٻيا سياستدان مجبور آھن، جيڪي ڪجهھ به ڪري نٿا سگھن، ڇاڪاڻ ته طاقتور ڌريون بلوچستان مسئلي تي ڳالھائيندڙ ھر شخص کي ”ملڪ دشمن“ سمجھي ان جي پٺيان پئجي وينديون آھن، اھو ئي ڪارڻ آھي جو اسلام آباد ۾ بلوچن جي لانگ مارچ ٿي ٿيل شيلنگ ۽ لٺبازي تي گھڻن جي وات ۾ مڱ پئجي ويا آھن.
اھو ياد رکڻ گھرجي ته صرف اھي ئي ملڪ ترقي ڪري اڳتي وڌي سگھندا آھن،جتي شھرين کي برابري جي حيثيت حاصل ھوندي آھي، جتي ڪو به نسلي متڀيد نه ھجي، ملڪي سلامتي لاءِ ضروري آھي ته ننڍن صوبن جي مرضي، سندن خواھشن ۽ جذبات جو احترام ڪيو وڃي. ترقي جي نانءُ تي قومن جو استحصال ڪرڻ سان ملڪ ۾ انتشار پيدا ٿيندو آھي، جنھن سان وفاق ڪمزور ۽ ٻاھرين قوتن کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو آھي. بلوچ يڪجھتي ڪميٽي پاران تربت مان نڪتل لانگ مارچ، جنھن ۾ سوين معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ مرد شامل آھن. کي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ روڪي مارچ ۾ شامل ماڻھن کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ مٿن واٽر ڪينن ۽ ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ويو، لڳ ڀڳ ٽي سئو ڄڻن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا، جنھن ۾ 144 جي ڀڃڪڙي، ڊيوٽي اٽڪاءُ، زبردستي دڪان بند ڪرائڻ ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان رسائڻ ۽ عورت اھلڪارن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ سميت سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آھن، گرفتار ٿيل ڪجھه ماڻھن کي زبردستي ڪوئيٽا ويندڙ گاڏين ۾ پڻ ويھاريو پيو وڃي.
تربت کان نڪتل لانگ مارچ سوين ميلن جو مفاصلو طئي ڪري اسلام آباد پھتو، انھن رستي ۾ ڪٿي به ڪا بدمزگي نه ڪئي ته پوءِ ڀلا اسلام آباد ۾ ڪيئن ڪري سگھن ٿا؟ مارچ ۾ گھڻو انگ ٻارڙن ۽ عورتن جو آھي، جن جا پيارا ڪيتري ئي وقت کان لاپته آھن، انھن پرامن ۽ ھٿين خالي ماڻھن کي تشدد جو بشانو بڻائي مٿن من گھڙت الزام ھڻڻ نه ته ملڪ جي مفاد ۾ آھي ۽ نه ئي ان عمل سان دنيا کي به گمراه ڪري سگھجي ٿو. اسلام آباد واقعي جو ملڪ خاص طور تي بلوچستان مان ڪو سخت ردِعمل به اچي سگھي ٿو، جنھن سان امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگھي ٿي، ڇو ته بلوچستان ۾ جيڪي ھٿياربند گروپ سرگرم آھن، انھن جي موقف کي ھٿي ملندي ۽ جذباتي نوجوانن جو لاڙو ان طرف ٿي سگھي ٿو، خبر ناھي طاقت جي نشي ۾ مخمور ماڻھن کي ڪڏھن ھوش ايندو، ڇو ته ھاڻي حالتون ھٿن مان گھڻي ڀاڱي نڪري چڪيون آھن، ڇا ھتان جا ”محب وطن“ ملڪي تاريخ ۾ ھڪ ٻيو سانحو ڪرائڻ چاھين ٿا؟