وچ اوڀر ۾ جاري جنگ سبب ڳاڙھي سمنڊ ۾ آمريڪي ٻيڙن تي حوثي باغين جي حملن عالمي واپار ۾ رڪاوٽ وجھڻ شروع ڪري ڇڏي آھي.انھن باغين جو تعلق يمن سان آھي،جتي يمن جي وڏي حصي تي انھن جو ڪنٽرول آھي.باغين خبردار ڪيو آهي ڳاڙهي سمنڊ مان اسرائيل ڏانهن ويندڙ يا اتان ايندڙ ھر ٻيڙي کي نشانو بڻائيندا.
نومبر ۾حوثي باغين ڳاڙھي سمنڊ مان گذرندڙ هڪ مال بردار جهاز تي قبضو ڪري ورتو ھو.ان مال بردار جهاز جو تعلق اسرائيل سان جڙي ٿو.گذريل ٻن مهينن دوران حوثي باغين راڪيٽ ۽ ڊرونز سان ڪيترن ئي تجارتي جهازن کي نشانو بڻايو آهي.
اھڙن حملن سبب دنيا جي ڪيترن ئي وڏين شپنگ ڪمپنين ڳاڙھي سمنڊ ۾ پنهنجو آپريشن معطل ڪري ڇڏيو آهي يا وري انھن پنهنجن جهازن کي ڊگھي ۽ متبادل رستن ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال سبب ماهرن سڄي دنيا ۾ تيل ۽ ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
حوثي باغين 21 آڪٽوبر تي اسرائيل تي حملي جي شروعات بعد اسرائيل ڏانھن ويندڙ ڪيترائي ميزائل فائر ڪيا.آمريڪا موجب انهن مان ڪيترائي ميزائل ڳاڙهي سمنڊ ۾ ماري ڪيرايا ھئا. باقي يا ته سمنڊ ۾ ڪريا يا مصر جي حدن ۾ وڃي ڪري پيا.
نومبر 2023 ۾ حوثي باغين اعلان ڪيو ته انهن هڪ اسرائيلي واپاري ٻيڙي کي ڳاڙھي سمنڊ ۾ قبضي ۾ورتو آهي ۽ ان کي يمن جي ساحل طرف وٺي وڃي رهيا آھن.
اسرائيل موجب ذڪر ڪيل جهاز اسرائيل جي ملڪيت ناهي ۽ نھ ئي ان تي سوار ٿيلن ۾ اسرائيلي آهي. پر اڻ تصديق ٿيل رپورٽن موجب جهاز جو مالڪ اسرائيلي شهريت رکندڙ ھو.
3 ڊسمبر کان حوثين يمن جي ساحل کان ڳاڙهي سمنڊ ۾ ڪيترن ئي تجارتي جهازن کي بيلسٽڪ ميزائل ۽ ڊرونز سان نشانو بڻايو آهي.آمريڪي، برطانوي ۽ فرانسيسي جنگي جهازن انهن مان ڪيترن ئي ميزائلن کي هوا ۾ ماريو، پر ڪيترا ئي ميزائل ٻيڙين تائين پهتا ۽ نقصان رسايو.
دنيا جي سڀ کان وڏي شپنگ فرم ميڊيٽرينين شپ ڪمپني چيو آهي ته ها پنھنجي ٻيڙين کي ڳاڙھي سمنڊ ڏانهن نھ پيا موڪلين.فرانسيسي ڪمپني سي ايم ايڇ، سي جي ايم، ڊينش شپنگ فرم ميرسيڪ، جرمن فرم هيپگ لوئڊ ۽ آئل ڪمپني برٽش پيٽروليم پڻ ساڳيا اعلان ڪيا آهن.
وچ اوڀر جي لاءِ آمريڪي فوج جي آپريشنز ھلائيندڙ آمريڪي فوج جي سينٽ ڪام چيو آھي تھ "اهي حملا يمن مان حوثي باغين ڪيا، جن کي ايران مڪمل طور تي فعال بڻايو .”
آمريڪا حوثي حملن جي روڪ لاءِ بحري ٽاسڪ فورس جي سفارش ڪئي آهي.حوثي ھڪ باغي گروپ آهن جنھن جو تعلق يمن جي اقليت زيدي شيعه فرقي سان آهي.
اهو گروپ 1990 جي ڏهاڪي ۾ قائم ڪيو ٿيو ھو ۽ ان جو مقصد ان وقت جي صدر علي عبدالله صالح جي ڪرپشن سان مقابلو ڪرڻ ھو.باغي گروپ جو نالو تحريڪ جي باني حسين الحوثي جي نالي تي رکيو. حوثي پاڻ کي ’انصار الله‘ پڻ سڏين ٿا.
2003 ۾ عراق تي آمريڪي حملي کان پوءِ حوثي ”الله اڪبر، مرگ بر آمريڪا ،مرگ بر اسرائيل، يھودين تي لعنت ، اسلام جي فتح“ جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا.انهن اعلان ڪيو ته اهي اسرائيل، آمريڪا ۽ اولهه جي خلاف حماس ۽ حزب الله سان گڏ آھن ۽ مزاحمتي قوتن جو حصو آھن.
يوروپي انسٽيٽيوٽ پيس يمن جي ماھر ھشام العميسي جو چوڻ آهي ته ‘هاڻي اهي اصل ۾ سامراجي طاقتن سان وڙهي رهيا آهن، اهي اسلام جي دشمنن سان وڙهن پيا ۽ اهو پيغام انهن جي حامين کي سمجهه ۾ اچي ٿو.
سال 2014 جي شروع ۾ حوثين کي سياسي حمايت تڏھن حاصل ٿي جڏهن اھي،علي عبدالله صالح بعد يمن ۾ جڙندڙ نئين صدر عبدريھ منصور ھادي جي خلاف کڙا ٿيا.
حوثي باغين سن 2015 ۾ يمن جي اترين صوبي صعده ۽ پوءِ يمن جي راڄڌاني صنعا تي بھ قبضو ڪري ورتو، جنهن بعد صدر هادي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو.
يمن جي پاڙيسري ملڪ سعودي عرب گڏيل عرب امارات ۽ بحرين جي حمايت سان حوثين کي پوئتي ڌڪي صدر ھادي کي ٻيھر طاقت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
حوثين مزاحمت ڪئي ۽ جنھن سان ھنن جو يمن جي وڏي حصي تي ڪنٽرول ٿي ويو جيڪو برقرار آھي.
2017 ۾ جڏهن اڳوڻي صدر علي عبدالله صالح سعودي عرب سان اتحاد ڪرڻ چاهيو تھ حوثين کيس قتل ڪري ڇڏيو.
چيو ٿو وڃي تھ حوثي لبناني گروپ حزب الله کان متاثر آھن ۽ 2014 کان حزب الله حوثي باغين کي فوجي تربيت فراهم ڪري رهي آهي. شڪ آهي ته ايران حوثي باغين کي هٿيار فراهم ڪري ٿو.
يمن جي سرڪاري حڪومت صدارتي گائيڊنس ڪائونسل آهي ۽ اڳوڻي صدر هادي اپريل 2022 ۾ اقتدار ڪائونسل حوالي ڪيو ھو. ڪائونسل سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ واقع آهي.
يمن جي اڪثريت تي حوثين جو ڪنٽرول آھي ۽ اھي ٽيڪس بھ وصول ڪن ٿا ۽ اھا پنهنجا ڪرنسي نوٽ پڻ ڇاپين ٿا.
يمن جي سامونڊي ڪناري جو وڏو حصو حوثي باغين جي قبضي ۾ آهي ۽ اتان کان اهي ٻيڙن تي حملا ڪري رهيا آهن.