اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته مذهب جي نالي تي جٿا ڪير ۽ ڪنهن لاءِ تيار ڪندو رهيو آهي، اهو سڀ ڄاڻن ٿا.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ٽي ايل پي تي پابندي لڳڻ يا نه لڳڻ واري معاملي تي مان ڪجهھ نه چوندس، مذهب جي نالي تي اهڙا جٿا ڪنهن به رياست ۾ قبولڻ جوڳا ناهن.
هن چيو ته پاڪستان ۾ به اهڙن جٿن کي برداشت نه ڪرڻ گهرجي، گهڻو دير ٿي وئي آهي، ڏهاڪن کان اسان اهڙا جٿا تيار ڪندا آيا آهيون، ڪير اهي جٿا تيار ڪندو رهيو ۽ ڪنهن لاءِ تيار ڪندو رهيو آهي، اها سڀني کي خبر آهي.
هن چيو ته هاڻي رياست قانون، قاعدي ۽ آئيني موجب هلندي، ڪنهن وقت جي گهرج يا ڪنهن جائز يا ناجائز ضرورت تحت نه.
بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته اسان کي هڪ مضبوط رياست بڻجڻو پوندو، اهڙيون مذهبي انتهاپسند جماعتون جيڪي ماڻهن کي قتل ڪن يا ملڪيت کي نقصان رسائن، اهي قبولڻ جوڳيون ناهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي ڪارڪنن کي اسلام آباد وڃڻ لاءِ تيار رهڻ واري بيان بابت مون کي ڄاڻ ناهي، مولانا مون لاءِ نهايت احترام لائق شخصيت آهي ۽ مان هن بابت ڪا به ڳالهه چوڻ کان پاسو ڪندس.
اسان ڏهاڪن کان جٿا تيار ڪندا رهياسين، اِهي جٿا ڪير ۽ ڪنهن لاءِ تيار ڪري ٿو سڀني کي خبر آهي: خواجه آصف
You might also like