اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق هڪ ڀيرو وري پي سي بي ۾ اهم پوسٽ ملڻ جو امڪان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪوچ مصباح الحق کي اهم ذميواري ڏيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي ڪجهه ڏينهن اڳ ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ آپريشنز انٽرنيشنل لاءِ اشتهار جاري ڪيو هو ۽ هاڻي بورڊ طرفان مصباح الحق کي ان عهدي تي مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اشتهار ۾ قابليت لاءِ پهريون ڀيرو اميدوار اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر يا ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽر هئڻ جو شرط رکيو ويو هو.
واضح رهي ته پي سي بي ايشيا ڪپ دوران پاڪستان ۽ ڀارت جي تڪرار ۾ صورتحال کي صحيح طريقي سان منهن نه ڏيڻ تي ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ آپريشنز انٽرنيشنل عثمان واهلا کي معطل ڪيو هو، پر پوءِ کيس بحال ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.