ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ ٻه ڀيرا عالمي چيمپيئن ويسٽ انڊيز ون ڊي ميچ ۾پورا 50 اوورر اسپنرن کان ڪرائيندڙ دنيا جي پهرين ٽيم بڻجي وئي آهي.
ويسٽ انڊيز ميرپور ۾ بنگلاديش جي خلاف سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ ۾ 5 اسپنرن جو استعمال ڪيو ۽ پورا 50 اوور ئي اسپنرن ئي هلايا.
ويسٽ انڊيز طرفان اڪيل حسين، روسٽن چيئز، کاري پئير، گداڪيش موتي ۽ اليڪ اٿانازي بالنگ ڪئي.
اهڙي طرح ون ڊي ڪرڪيٽ جي 54 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ٽيم پورا 50 اوورز اسپنرز کان ڪَرايا آهن.
ان کان اڳ، سريلنڪا 1996 ۾ ويسٽ انڊيز خلاف 44 اوور اسپنرن کان هلرايا هئا.
ان کانسواءِ سريلنڪا 1998 ۾ نيوزيلينڊ ۽ 2004 ۾ آسٽريليا جي خلاف به 44 اوورز اسپنرن سان ڪرائي چڪي آهي.
واضح رهي ته بنگلاديش ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي کٽڻ لاءِ 214 رنس جو هدف ڏنو آهي.