ايشيا ڪپ ٽرافي مامرو، محسن نقوي بي سي سي آءِ جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي صدر محسن نقوي ايشيا ڪپ جي ٽرافي لاءِ ڀارتي بورڊ طرفان لکيل خط جو جواب ڏئي ڇڏيو.
ذريعن موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) ايشيا ڪپ 2025 جي ٽرافي ڏيڻ لاءِ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي کي خط لکيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر بي سي سي آءِ جي خط جو جواب ڏيندي چيو آهي ته ”جيڪڏهن ٽرافي گهرجي ته هڪ تقريب ڪوٺايون ٿا،توهان اچي وٺي وڃو.“
ذريعن موجب، ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ڀارتي بورڊ کي آگاهه ڪيو آهي ته ايشيا ڪپ جي ٽرافي 10 نومبر تي ڏئي سگهجي ٿي.
ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان ڀارتي بورڊ کي ٽرافي ڏيڻ لاءِ تقريب 10 نومبر تي رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن اِهو به چوڻ آهي ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر واضح موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي بورڊ جا عهديدار ڪنهن هڪ رانديگر سان گڏ اچي تقريب ۾ ٽرافي وصول ڪري سگهن ٿا.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ 2025ع جي فاتح ڀارتي ٽيم فائنل ميچ کٽڻ کانپوءِ اي سي سي جي صدر محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن بعد محسن نقوي ٽرافي واپس اي سي سي جي آفيس موڪلي ڇڏي هئي.
ڀارتي بورڊ جي هوڏ تي محسن نقوي چيو هو ته “جيڪڏهن ڀارتي ڪپتان کي ٽرافي گهرجي ته منهنجي آفيس اچي وٺي وڃي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.