وفاقي ڪڻڪ پاليسي کانپوءِ ملڪ ۾ اٽي جي بحران جو خدشو

ڪراچي (شڪيل نائچ) وفاقي حڪومت پنهنجي من ماني ڪندي صوبن جي صلاح رد ڪندي ڪڻڪ پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ سرڪار ڪڻڪ اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي پر وفاق 35 سئو رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو. هاڻي آبادگار ڪڻڪ جي پوکي گهٽائيندا جنهن سان ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيندو ۽ اٽي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت ٻاهرين ملڪ مان ڪڻڪ گهرائيندي جنهن جو معيار خراب هوندو ۽ اسلام آباد ۾ ويٺل بابوئن کي چڱي ڀلي ڪميشن به ملي پوندي. عوام کي خراب خوراڪ ملندي پر بابوئن کي فائدو ٿيندو، اهو ئي سبب آهي جو هو ان چڪر ۾ پيا آهن. سنڌ سرڪار ڪڻڪ پاليسي جي ڪاپي جو انتظار ڪري رهي آهي جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو ته وفاق جو فيصلو مڃي وٺجي يا پنهنجي مرضي سان ڪڻڪ اگهه مقرر ڪجن.  وفاقي حڪومت جي ناقص پاليسين جي ڪري سنڌ ۾ 12 لک ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي يا جنهن کي ڪير به خريد نه ڪندو. ان سان بحران پيدا ٿيندو ۽ عام ماڻهو کي اٽو مهانگو ملندو. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جي اعلانيل ڪڻڪ پاليسي موجب اگهه 38 سئو رپيا رکيو ويو آهي پر ان اگهه تي به ڪڻڪ ناهي وڪرو ٿي رهي. نجي شعبي جي ذخيرا اندوزن جا وارا نيارا ٿي ويا آهن، ۽ في مڻ تي اگهه وڌائي ڪڻڪ وڪرو ڪڍي رهيا آهن. حڪومت اهو واضح ناهي ڪيو ته نجي شعبي کي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي يا نه هوندي. سنڌ حڪومت نجي شعبي کي ڪڻڪ ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 21 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.