ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ۽ پيٽروليم ڪمپنين ۾ ٽيڪس بابت تڪرار سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو، جنهن سبب ملڪ ۾ ٻارڻ جي بحران جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.
سنڌ حڪومت انفرا اسٽرڪچر ڊيولپمينٽ سيس تحت 100 سيڪڙو بينڪ گارنٽي جو شرط ٻيهر لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن سبب پيٽروليم شين جا ڪارگو ڪراچي بندرگاهه تي ڪليئرنس جا منتظر آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بندرگاهن تي بيٺل پيٽروليم ڪارگو جلد ڪليئر نه ٿيا ته ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي.
اهو سيس سڀ کان اڳ 1994 ۾ لاڳو ڪيو ويو هو، جنهن خلاف آئل ڪمپنيون عدالت سان رابطو ڪري چڪيون آهن پر سپريم ڪورٽ تازو سنڌ حڪومت جي حق ۾ فيصلو ڏنو، جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت سيس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو.
رپورٽن موجب اڳ ۾ پيٽروليم ڪمپنين ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ هڪ گڏيل مڪينزم تحت رڳو انڊر ٽيڪنگ تي ڪارگو جي ڪليئرنس ٿي ويندي هئي.
پر هاڻ حڪومت جو چوڻ آهي ته جيستائين سيس جي ادائيگي نه ڪئي ويندي تيستائين ڪليئرنس نه ڏني ويندي.
هوڏانهن تيل ڪمپنين ان پاليسي تي عمل ڪرڻ کان معذوري ظاهر ڪندي وفاقي حڪومت کي مداخلت جي اپيل ڪئي آهي.
ڪمپنين جو موقف آهي ته سيس جي رقم اگهه مقرر ڪرڻ جي فارمولي ۾ شامل ڪئي وڃي، ڇو ته اهي واڌو بار برداشت نٿا ڪري سگهن، جڏهن ته پراڻين رهتن کي به ان ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، جنهن سان وڌيڪ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
You might also like