اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ٻاڙائي برقرار، 385 پوائنٽن جي گهٽتائي

ڪراچي ( م ڊ ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن به ناڪاري لاڙو برقرار رهيو، 100 انڊيڪس ۾ 385 پوائنٽن جي گهٽتائي ٿي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس هاڪاري طور تي ڪاروبار شروع ڪيو ۽ انڊيڪس هڪ نقطي تي 788 پوائنٽس وڌي 63 هزار 621 جي سطح تي پهتو پر اهو رجحان آهستي آهستي تبديل ٿيندو ويو ۽ انڊيڪس هڪ نقطي تي 1750 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 61 هزار 82 جي سطح تي پهچي ويو. جڏهن ته ڪاروبار جي پڄاڻي تي 385 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 62 هزار 448 تي بند آهي. مارڪيٽ ۾ مسلسل چوٿين ڏينهن هڪ ارب کان وڌيڪ شيئرز جا سودا ٿيا، اڄ هڪ ارب 18 ڪروڙ شيئرز جا سودا 26 ارب رپين ۾ طئي ٿيا. مارڪيٽ سرمائيداري 65 ارب 90 هزار 27 ارب رپيا گهٽجي وئي آهي. ٽن ڏينهن ۾ انڊيڪس ۾ 3 هزار 682 پوائنٽس جي گهٽتائي ٿي آهي ۽ مارڪيٽ سرمائيداري 515 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.