ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) پاران 11 آڪٽوبر کان لاڙڪاڻي ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه عوام کي سڀاڻي ٿيندڙ وحدت سنڌ مارچ ۾ ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي آهي.
سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي وحدت، وسيلن جي مالڪي، پاڻيءَ جي حق ۽ سنڌ جي جاگرافيائي وجود جي تحفظ لاءِ پنهنجي قومي ذميواري ادا ڪن.
هن چيو ته سنڌ جي عوام کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي وسيلن، زمينن، درياهه ۽ مستقبل بابت ٿيندڙ فيصلن ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري.
سيد زين شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي زندگيءَ جو بنيادي ذريعو آهي، جيڪو سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو امين پڻ آهي.
ايس يو پي پاران وحدت سنڌ مارچ ۾ شرڪت جي اپيل، سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ پاڻيءَ جي حق لاءِ گڏ ٿيو : زين شاهه
You might also like