رانچي (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 250 رنسن جو رڪارڊ هدف 18.3 اوورن ۾ ماڻي ڀارت کي شڪست ڏئي ڇڏي کانپوءِ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سنيل گواسڪر ڀارتي بالرن جي ڪارڪردگي تي سخت سوال اٿاري ڇڏيا.
ڀارت سنجو سيمسن جي شاندار بيٽنگ جي مدد سان 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 249 رنسون ٺاهيون، پر ڀارتي بالر وڏي اسڪور جو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.
ويسٽ انڊيز جي ڪپتان شاءِ هوپ 45 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي، جڏهن ته شيرفين ردرفورڊ 37 بالن تي 84 رنسون ٺاهيون.
ٻنهي بيٽرن جي شاندار ڪارڪردگيءَ سبب ويسٽ انڊيز هدف سولائيءَ سان حاصل ڪري ورتو، ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن مجموعي طور 501 رنسون ٺاهيون.
ڀارتي ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سنيل گواسڪر چيو ته ڀارتي بيٽرن اميد کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون، تنهنڪري شڪست جو ذميوار بيٽنگ کي قرار نٿو ڏئي سگهجي.
هن چيو ته اصل مسئلو بالرن جي خراب ڪارڪردگي هئي، جن پنهنجي ذميواريءَ موجب بالنگ نه ڪئي. بالنگ ڪوچ کي پنهنجن بالرن کان ڪهڙيون اميدون هيون ۽ ڇا انهن اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي؟ ان جو جواب ڪير ڏيندو؟
اڳوڻي ڀارتي فاسٽ بالر ورون آرون به بالنگ حڪمت عملي تي تنقيد ڪندي چيو ته ويسٽ انڊيز جون شروعاتي ٻه وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ ڀارت کي فاسٽ بالرن ذريعي دٻاءُ برقرار رکڻ گهرجي ها.
سندس چوڻ هو ته پاور پلي جي چوٿين اوور ۾ اڪشر پٽيل کي بالنگ ڏيڻ غير ضروري هو، ڇاڪاڻ ته شاءِ هوپ ۽ رومين پاول نئين بال خلاف ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا هئا، اڪشر پٽيل ان اوور ۾ 16 رنسون ڏئي ڇڏيون.
ٻئي پاسي ڀارتي ڪپتان شرياس اَئيَر شڪست کانپوءِ ٽيم جو دفاع ڪندي چيو ته ماڪ سبب بالنگ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو هو.
هن چيوته اهڙي صورتحال ۾ هدف جو دفاع ڪرڻ لاءِ گهربل اسڪور جو اندازو لڳائڻ سولو نه هوندو آهي، جنهن سبب 249 رنسون ٺاهڻ باوجود ڀارتي بالر ويسٽ انڊيز جي جارحاڻي بيٽنگ کي روڪي نه سگهيا.
”اڍائي سئو رنسون به نه بچائيندو ته ڇا ڪندئو“ سُنيل گواسڪر ڀارتي بالرن کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون
You might also like