ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاج ۾ آيل اداڪار عمران خان پوليس هٿان گرفتار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار عمران خان کي ڪاڪروچ جنتا پارٽي (سي جي پي) جي احتجاج ۾ شرڪت لاءِ ممبئي جي آگسٽ ڪرانتي ميدان پهچڻ تي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
گرفتاري کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي اداڪار عمران خان چيو ته سندس ڪو به مطالبو ناهي، هو هڪ شهري ۽ ممبئي واسي جي حيثيت سان احتجاج ۾ آيو آهي.
هن چيو ته هو اهو ڏسڻ آيو آهي ته ماڻهن جي چرپر ۽ آزاديءَ تي پابنديون ڇو مڙهيون پيون وڃن ۽ سندن آواز ڇو دٻايو پيو وڃي.
اداڪار وڌيڪ چيو ته هو ڪنهن کان به ڪو مطالبو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي ۽ نه ئي ڪنهن تنظيم جو حصو آهي.

You might also like