دهلي (ويب ڊيسڪ) دهليءَ ۾ جاري احتجاجن تي ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) مخالف ڌر جي اڳواڻن ۽ ڪاڪروچ جنتا پارٽي (سي جي پي) کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
بي جي پي اڳواڻ روي شنڪر پرساد ڇنڇر جي شام پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندن پارٽي احتجاج جي خلاف ناهي، پر مخالف ڌر جي اڳواڻن پنهنجي شڪست سبب روڊن تي احتجاج کي هٿيار بڻائي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته شروعاتي ٽن ڏينهن تائين راهول گانڌي احتجاج ۾ موجود رهيو، پوءِ هليو ويو، ان کانپوءِ سي جي پي اچي وئي، جيڪا عام آدمي پارٽي لاءِ ”شيڊو باڪسنگ“ ڪري رهي آهي.
روي شنڪر پرساد وڌيڪ چيو ته صبح کان سي جي پي جو احتجاجي ڊرامو جاري هو، جنهن کانپوءِ اروند ڪيجريوال ۽ ٻيا اڳواڻ به اچي ويا. سندس چوڻ هو ته پوءِ ممتا بئنرجي سوچيو ته هوءَ پوئتي ڇو رهي، تنهنڪري هوءَ به پهچي وئي، جنهن کانپوءِ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مارڪسسٽ) جا اڳواڻ به اچي ويا.
رپورٽ موجب، ڪاڪروچ جنتا پارٽي 10 آڪٽوبر تي چيف اليڪشن ڪمشنر گيانيش ڪمار جي استعيفيٰ جي مطالبي لاءِ دهليءَ جي جنتر منتر تي احتجاج جو سڏ ڏنو هو.
دهلي پوليس سي جي پي جي باني اڀيجيت ديپڪي، سورَو داس ۽ آشوتوش رانڪا کي اندرا گانڌي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي جهاز مان لهڻ کان اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو.
ان کانپوءِ آئيسا جي صدر نيها بورا، پرشانت ڀوشن، يوگيندر يادَو ۽ سي پي آءِ (ايم ايل) جي جنرل سيڪريٽري ديپانڪر ڀٽاچاريه کي به گرفتار ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اروند ڪيجريوال، ممتا بئنرجي ۽ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
You might also like