بلوچن جي لانگ مارچ جي اسلام آباد ويجهو رستاروڪ،سخت سيءَ ۾ ڌرڻو

اسلام آباد(م ڊ) بلوچن جي جبري گمشدگي ۽ عدالت کان مٿاهن قتل واقعن خلاف ڪوئيٽا کان نڪتل بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جو لانگ مارچ اسلام آباد پهچي ويو آهي،راولپنڊي ۾ هزارين ماڻهن کي شهر اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو ويوآهي، عورتن،ٻارن سميت قافلو کليل آسمان هيٺ سخت سيءُ ۾ ويٺل آهي، مارچ جي اڳواڻ ماه رنگ بلوچ لکيو ته اسان کي ٻڌايو پيو وڃي ته اسلام آباد  مان اميدون رکو، جڏهن ته اصل صورتحال اها آهي ته اسان کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي، اسان کي چيو ويو آهي ته اسلام آباد پريس ڪلب بدران پارڪ ۾ جلسلو رکو، اسان جي گاڏين کي پريس ڪلب وڃڻ کان روڪيو ويو آهي،ان کان اڳ مارچ ۾ پي ٽي ايم جي اڳواڻ علي وزير ساٿين سميت شرڪت ڪري ايڪتا جو اظهار ڪيو، سمي دين بلوچ ٽوئيٽر تي لکيو ته اسلام آباد جي فضا مان لڳي رهيو آهي ته اهي اسان جي خلاف طاقت جو استعمال ڪرڻ وارا آهن ۽ جيڪڏهن ايئن ٿيو ته يقين ڪريو ٻيهر اسلام آباد ڏانهن نه ڏسندا جتي هٿين خالي پيرسن مائرن ۽ بزرگن خلاف هي رياست تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ چاهي ٿي،سينئر صحافي حامد مير پنهنجي ٽي وي  پروگرام ۾ چيو ته بلوچستان جي لاپتا ماڻهن جون مائرون،ڀينرون ۽ ڌيئرون هزارين ڪلوميٽر سفر طئي ڪري تربت کان انصاف جي ڳولا ۾ اسلام آباد آيون آهن ۽ انهن مظلوم عورتن کي اسلام آباد ۾ به انصاف نه مليو ته پوءِ ڪٿي ملندو؟صحافي اعزاز سيد لکيو ته تربت ۾ جبري گمشدگي کانپوءِ مقابلي ۾ مارجي ويل بالاچ بلوچ جي گهرڀاتين ۽ ٻين گم ٿيل ماڻهن جي وارثن سميت احتجاجي مارچ راولپنڊي پهچي ويو آهي،کين پهرين ڪوئيٽا ۾به احتجاج کان روڪيو ويو ۽ هاڻي اهي سپريم ڪورٽ وڃڻ چاهين ٿا،چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي مارچ جي رستاروڪ جي عمل جو نوٽيس وٺڻ گهرجي،جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو ته رياست ته ماءُ وانگر هوندي آهي، آخر رياست انهن نياڻين سان ڳالهيون ڇو نٿي ڪري، انهن جي فرياد تي ڪن ڇو نٿي ڏئي، جهانزيب عظيم لکيو ته رياست طاقت جي استعمال ۾ ماضيءَ مان سبق نه سکيو آهي.افسوس جي ڳالهه آهي ته نام نهاد ميڊيا ۽ صحافي انساني حقن جا دعويدار بلوچ مارچ جي ڪوريج نه پيا ڪن جنهن تي سينئر صحافي حامد مير لکيو ته ميڊيا تي تنقيد ڪرڻ آسان ۽ فيشن آهي، توهان ماڻهو نه انهن وڏن قومي اڳواڻن جا نالا وٺو ٿا جيڪي هن ظلم تي خاموش آهن ۽ نه انهن بلوچ اڳواڻن جو ذڪر ٿا ڪريو جيڪي گم ٿيل ماڻهن جي نالي تي ووٽ وٺندا آهن ۽ هن مارچ مان غائب آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.