عدليه، فوج ۽ اليڪشن ڪميشن تي چٿر تي پابندي:ضابطا اخلاق

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 2024ع جي عام چونڊن لاءِ سياسي پارٽين لاءِ ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب ضابطا اخلاق اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي به موجود آهي.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي پڌرنامي موجب سياسي پارٽيون، اميدوار ڪنهن به اهڙي راءِ جو اظهار نه ڪندا جيڪو نظريه پاڪستان، قومي خودمختياري، سلامتي ۽ سالميت خلاف هجي.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽيون ڪنهن به اهڙي راءِ جو اظهار نه ڪنديون جنهن سان عدليه يا فوج جي وقار کي نقصان پهچي يا انهن جو مذاق اڏائي.ان کان علاوه سياسي پارٽيون اليڪشن ڪميشن جو مذاق اڏائڻ کان پاسو ڪنديون.اليڪشن ڪميشن جي اعلان موجب مخالف اميدوار کي عهدي تان دستبردار ٿيڻ يا ان جي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ رشوت يا تحفا ڏيڻ کان پاسو ڪيو ويندو.اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق ۾ چيو ويو آهي ته اميدوارن جي چونڊ دوران عورتن جي 5 سيڪڙو نمائندگي کي يقيني بڻايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.