نوازشريف لاهور، زرداري نواب شاهه، بلاول لاڙڪاڻي مان اميدوار، عمران ٽن تڪن تي بيهندو

ڪراچي ( رپورٽر) ملڪ ۾ اليڪشن لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو،  سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي 69 تڪن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويندا. اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ نامزدگي ڪاغذ جاري ڪيا هئا جنهن بعد اميدوار اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري رهيا آهن. اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوار  صبح ساڍي اٺين وڳي کان شام ساڍي چار وڳي تائين ڪاغذ حاصل ڪري سگهندا جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو گذريل ڏينهن کان شروع ٿيو. اميدوار گذريل ڏينهن کان سڀاڻي 22 ڊسمبر تائين لاڳاپيل آر او آفيس ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا، جنهن بعد اميدوارن جي شروعاتي لسٽ 23 ڊسمبر تي جاري ٿيندي جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 24 ڊسمبر کان 30 ڊسمبر تائين ٿيندي. 13 جنوري تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويا ۽ عام چونڊن لاءِ پولنگ 8 فيبروري تي ٿيندي. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي 69 تڪن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويندا. نامزدگي ڪاغذ لاڳاپيل رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرايا ويندا، ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جا 22 ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا 47 تڪ آهن. جي ڊي اي جي ترجمان سائره بانو جنرل سيٽ تي قومي اسيمبلي جي اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري، سائره بانو کي جنرل سيٽ تي اليڪشن وڙهڻ جي هدايت ڪئي. سائره بانو قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 210 ٽنڊي آدم تي جي ڊي اي جي اميدوار هوندي جڏهن ته سائره بانو هن تڪ تي پ پ اميدوار روشن جوڻيجو سان مقابلو ڪندي. سائره بانو نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ بعد پنهنجي چونڊ مهم جي شروعات ڪندي. تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ٽن تڪن مان چونڊ وڙهندو، ميانوالي، لاهور ۽ اسلام آباد جي تڪن مان ان جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائينداسين. ملڪ ۾ اليڪشن لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو،  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جا نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا ويا. نوابشاهه ۾ ريٽرننگ آفيسرن کان اين اي 207 تان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا چونڊ فارم وصول ڪيا ويا. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو اليڪشن فارم ايڊووڪيٽ غلام شبير زرداري وصول ڪيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جو به فارم پي ايس 36 جي تڪ تان وصول ڪيو ويو. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني ملتان جي تڪ اين اي 148 تان نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري ورتا. هوڏانهن جي ڊي اي ترجمان سائرا بانو جنرل سيٽ تي قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو. پارٽي ذريعن موجب جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري، سائرا بانو کي جنرل سيٽ تي چونڊ وڙهڻ جي هدايت ڪئي. سائرا بانو قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 210 تي ٽنڊي آدم مان جي ڊي اي جي اميدوار هوندي، هوءَ پ پ جي روشن جوڻيجي سان مقابلو ڪندي. سائرا بانو نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ چونڊ مهم شروع ڪندي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال اين اي 242 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا، ان ئي تڪ تان مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف به چونڊ وڙهندو. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه لاءِ سيوهڻ جي صوبائي تڪ پي ايس 77 تان نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا. اڳوڻي ايم اين اي سڪندر راهپوٽو ۽ ڊاڪٽر سڪندر شورو لاءِ قومي تڪ اين اي 226 ڄامشورو تان نامزدگي فارم ورتا ويا. صوبائي تڪ پي ايس 78 ڪوٽڙي تان ملڪ اسد سڪندر ڊاڪٽر سڪندر شورو لاءِ نامزدگي فارم ورتا ويا. صوبائي تڪ پي ايس 79 ٿاڻو بولا خان تان ملڪ سڪندر خان، ڊاڪٽر ڀون لال ۽ ملڪ چنگيز خان لاءِ نامزدگي فارم ورتا ويا. خيرپور جي قومي تڪ اين اي 202 تان اڳوڻي ايم اين اي نفيسه شاهه، نواب خان وساڻ، سيد غوث علي شاهه، فدا وساڻ ۽ ٻين پاران نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا. عمرڪوٽ جي قومي تڪ اين اي 213 تان پ پ اميدوار نواب يوسف ٽالپر ۽ سرتاج شاهه لاءِ فارم وصول ڪيا ويا. عمرڪوٽ جي صوبائي تڪ پي ايس 50 تان اڳوڻي وزير سيد سردار شاهه، پ پ اڳواڻ امير علي شاهه ۽ سيد نور علي لاءِ فارم ورتا ويا.پٿورو جي صوبائي تڪ پي ايس 49 تان به اڳوڻي صوبائي وزير سيد سردار شاهه، امير علي شاهه ۽ سرفراز شاهه لاءِ نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا. سکر جي قومي تڪ اين اي 201 تان اڳوڻي وفاقي وزير خورشيد شاهه لاءِ نامزدگي فارم ورتا ويا. صوبائي تڪ پي ايس 24 سکر تان خورشيد شاهه جي پٽ فرخ شاهه جي لاءِ نامزدگي فارم ورتا ويا. شهدادڪوٽ جي قومي تڪ 196 تي پيپلزپارٽي جي خورشيد جوڻيجو، جماعت اسلامي جي محمد ابراهيم دايو ۽ آزاد اميدوار سليم چانڊيو فارم وصول ڪيا. صوبائي تڪ پي ايس 14 شهدادڪوٽ تي پ پ اميدوار نادر مگسي، مير مٺل مغيري ۽ ٻين نامزدگي فارم وصول ڪيا. نوشهروفيروز ۾ ين اي 206 لاءِ ذوالفقار بهڻ، مسرور جتوئي، عاقب جتوئي، غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين نامزدگي فارم ورتا، فهميدا مرزا ۽ ذوالفقار مرزا بدين مان چونڊ وڙهندا . دادو جي صوبائي تڪ پي ايس 82 لاءِ پير مظهر الحق سوڌو 19 اُميدوارن نامزدگي فارم  ورتا، اين اي 227 ميهڙ – ڪي اين شاهه لاءِ لياقت جتوئي، سندس پُٽ ڪريم علي، عرفان ظفر لغاري، عمران ظفر لغاري ۽ طلعت مهيسر نامزدگي فارم وصول ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.