اي آءِ سبب نقل جو بحران سنگين، 95 سيڪڙو شاگرد اسائنمينٽس چيٽ بوٽس کان لکرائڻ لڳا: تحقيق

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالاجي (اي آءِ) جي وڌندڙ استعمال آمريڪا ۾ شاگردن طرفان ڪاپي ڪرڻ جو بحران سنگين بڻائي ڇڏيو آهي.
هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته آمريڪا ۾ شاگرد هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالاجي جو حد کان وڌيڪ استعمال ڪري رهيا آهن.
تحقيق موجب، 95 سيڪڙو شاگرد اسائنمينٽس اي آءِ چيٽ بوٽس کان لکائڻ لڳا آهن، جنهن سبب استاد پريشان آهن ته شاگرد حقيقي طور سکڻ بدران سکڻ جي خوش فهميءَ ۾ وڪوڙجي رهيا آهن.
تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوان ”هيومنائيزنگ“ اي آءِ پروگرام لکڻين کي وڌيڪ مستند ۽ فطري بڻائي رهيا آهن، جنهن سبب استادن لاءِ اي آءِ ذريعي لکيل مواد جي سڃاڻپ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.
محققن موجب، اي آءِ ذريعي لکيل مواد جي نشاندهي ڪندڙ ڊوائيس ۽ انهن کان بچڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ پروگرامن جي مقابلي ۾ استادن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
رپورٽ موجب، نشاندهي ڪندڙ ڊوائيس ۽ انهن کان بچڻ جي طريقن وچ ۾ جاري مقابلي سبب استادن لاءِ شاگردن جي لکڻين ۾ اي آءِ جي استعمال جي نشاندهي ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو آهي.

You might also like