سکر (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه پي ٽي آءِ کي دهشتگردي خلاف واضح موقف اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏيندي خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ جي مشروط حمايت ڪري ڇڏي آهي.
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ نٿي چاهي، پر پي ٽي آءِ جي قيادت کي سوچڻو پوندو ته جڏهن ملڪ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي ته هو ملڪ کي ڪهڙي پاسي وٺي وڃي رهيا آهن.
هن چيو ته گورنر راڄ جمهوري طور تي اڻوڻندڙ آهي، پر آئيني طور تي اهو غلط قدم ناهي.
سنڌ جي وڏي وزير صوبي ۾ اَٽي جي اگهن ۾ واڌ کي ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي سان جوڙيندي ڪڻڪ جي کوٽ واري تاثر کي رد ڪري ڇڏيو.
پنجاب وانگر سبسڊي ڏيڻ بابت سوال تي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت اڳ ئي ڪڻڪ تي سبسڊي ڏئي چڪي آهي، ضرورت پئي ته وڌيڪ سبسڊي به ڏني ويندي.
You might also like