سعودي عرب جو دفاع يا حوثين خلاف جنگ؟ پاڪستان ڪهڙو فيصلو ڪندو؟

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۽ يمن جي حوثي گروپ انصارالله وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ کانپوءِ پاڪستان جي امڪاني ڪردار بابت سوال پيدا ٿي ويا آهن.
برطانوي ميڊيا موجب، ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي دفاعي مدد ڪري سگهي ٿو، پر حوثين خلاف سڌيءَ ريت فوجي ڪارروائي ۾ شامل ٿيڻ سان پاڪستان لاءِ سفارتي ۽ سيڪيورٽي چئلينج وڌي سگهن ٿا.
رپورٽ موجب، 5 آڪٽوبر تي رياض ۾ مڪي دفاعي معاهدي تحت سياسي ۽ دفاعي اسٽريٽجڪ ڪميٽيءَ جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گڏيل دفاعي ذميوارين تي عمل ۽ فوجي صلاحيتن جي فراهميءَ بابت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پاڪستاني اختيارين معاهدي کي فعال قرار ڏنو آهي، پر سعودي عرب ۾ موجود پاڪستاني فوجين جي ڪردار بابت تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا آهن.
نيويارڪ ٽائمز جي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته حوثين خلاف فضائي حملن ۾ پاڪستاني جنگي جهاز استعمال ٿي رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان جي سڌ سماءُ واري وزارت ان خبر کي ڪوڙو ۽ من گهڙت قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي.
برمنگهم يونيورسٽيءَ سان واڳيل وچ اوڀر جي معاملن جي ماهر عمر ڪريم موجب، سعودي عرب جي سلامتي ۽ يمن ۾ جاري تڪرار پاڻ ۾ ڳنڍجي ويا آهن، تنهنڪري پاڪستان جي اڻ سڌي شموليت جو امڪان موجود آهي، سندس خيال ۾ مستقبل ۾ پاڪستان جو ڪردار وڌيڪ وڌي سگهي ٿو.
ٻئي پاسي اڳوڻي سفير مليحه لوڌي چيو آهي ته پاڪستان کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي مفادن بدران پنهنجي قومي مفادن کي اوليت ڏيڻ گهرجي.
سندس چوڻ آهي ته يمن جي تڪرار ۾ شموليت جو فيصلو پارليامينٽ ۾ بحث ۽ منظوريءَ کانپوءِ ٿيڻ گهرجي، جيئن 2015ع ۾ ڪيو ويو هو.
ماهرن موجب، حوثي باغين خلاف سڌي فوجي ڪارروائي ۾ شامل ٿيڻ سان ايران سان پاڪستان جا لاڳاپا متاثر ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي اهڙي وقت جڏهن اسلام آباد تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ سفارتي رابطن ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
اڳوڻي سفارتڪار منصور خان خبردار ڪيو ته پاڪستان اڳ ئي افغانستان سان سرحدي ڇڪتاڻ، ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين هٿياربند گروهن جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
هن چيوته ۾ يمن جي جنگ ۾ سڌي مداخلت پاڪستان لاءِ وڌيڪ مونجهارا پيدا ڪري سگهي ٿي.
تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي مدد لاءِ فضائي ۽ ميزائل دفاعي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ سفارتي ڪوششن ذريعي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته حوثين خلاف سڌي جنگ ۾ شموليت جا امڪاني نتيجا احتياط سان ڏسڻ ضروري آهن.

You might also like