گورنر راڄ جي ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين، هاڻي ويڙهه ڪرسيءَ نه پر پختونن جي حقن لاءِ آهي: سهيل آفريدي

چارسدا (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي چيو آهي ته گورنر راڄ جي ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين، هاڻي تحريڪ رڳو اقتدار يا ڪرسيءَ تائين محدود ناهي رهي، پر پنهنجي اڳواڻ ۽ پختونن جي حقن لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
لانگ مارچ جي ستين ڏينهن چارسده مان روانگي کان اڳ قافلي کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته 11 آڪٽوبر تي سڄي ملڪ مان ڪارڪن صوابي پهچندا، جڏهن ته 13 آڪٽوبر تي صوابي ۾ تحريڪ جي ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.
هن چارسده جي عوام کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو سندن جذبي ۽ عزم کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ انهيءَ جذبي سان ظالماڻي نظام جو مقابلو ڪيو ويندو.
گورنر راڄ بابت بيانن تي ردعمل ڏيندي وڏي وزير چيو ته ڌمڪيون ڏيندڙ ٻڌي ڇڏين، هاڻي معاملو رڳو اقتدار يا ڪرسيءَ جو ناهي رهيو. هن دعويٰ ڪئي ته کيس ڪنهن به قيمت تي خريد نٿو ڪري سگهجي.
سهيل آفريدي چيو ته اها آئيني ۽ قانوني دائري ۾ رهندي پرامن سياسي جدوجهد آهي. اسان پرامن آهيون ۽ پرامن رهنداسين، پر پنهنجن حقن تي سمجهوتو نه ڪنداسين.
هن الزام لڳايو ته دهشتگردي ۽ امن امان بابت غلط پاليسين سبب صوبي جون حالتون متاثر ٿيون آهن.
سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جي عوام وڏي قربانين سان امن بحال ڪيو هو، پر اهو امن بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ فيصلن جي ور چڙهي ويو.
وڏي وزير ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي منزل تي نظر رکن، ثابت قدم رهن ۽ تحريڪ لاءِ پنهنجو جذبو برقرار رکن.
هن چيو ته ظلم تي ٻڌل ڪنهن به نظام ۽ پنهنجي ماڻهن خلاف ڪنهن به پاليسي کي قبول نه ڪيو ويندو.

You might also like