مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) امام ڪعبه شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمٰن السديس چيو آهي ته حرمين شريفين جي حرمت ڳاڙهي لڪير آهي، جنهن کي اورانگهي نٿو سگهجي.
مسجد الحرام ۾ جمعي جو خطبو ڏيندي شيخ عبدالرحمٰن السديس حوثي باغين طرفان مڪي، مديني ۽ شهري انفرااسٽرڪچر تي حملن جي مذمت ڪئي.
هن چيو ته حرمين شريفين تي حملا مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪري رهيا آهن، حرمين شريفين جي حرمت ريڊ لائن آهي، جنهن کي پار نٿو ڪري سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ) ذريعي جعلي وڊيوز ۽ آواز ٺاهي پکيڙڻ ڪوڙ ۽ حرام عمل آهي.
جديد ٽيڪنالاجي الله جي نعمت آهي، تنهنڪري ان کي الله جي فرمانبرداري ۽ سندس رضا حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي.
ٻئي پاسي، مسجد نبوي ﷺ جي امام شيخ خالد المعينا جمعي جي خطبي ۾ چيو ته حرمين شريفين سان دشمني رکندڙن جي اها دشمني کين گمراهي ۽ رسوائيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي.
هن چيو ته مڪو الله تعاليٰ جو محترم گهر ۽ سندس ويجهو محبوب ترين سرزمين آهي.
”حرمين شريفين جي حرمت ريڊ لائن آهي، ان کي پار نٿو ڪري سگهجي“ امام ڪعبه جو حوثين جي حملي تي ردعمل
You might also like